ڏوڪري ويجهو پ پ اڳواڻ واپاري دوست سميت اغوا، ڪار جعفرآباد مان هٿ

ڏوڪري ويجهو پ پ اڳواڻ واپاري دوست سميت اغوا، ڪار جعفرآباد مان هٿ

ڏوڪري/باڊهه (رپورٽ: راجا ٻگھيو+ وحيد ڳاهو) ڏوڪري ويجھو ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻلهڙيجي واسي سماجي ورڪر مختيار سومرو جو ڀاءُ واپاري نواب سومرو ۽ ڳوٺ بيهڻ واسي سندس دوست پ پ اڳواڻ ديدار علي بيهڻ گذريل سومر رات ڳوٺ ٻاهران پير مسافر وٽان مبينا طور ڪار سميت اغوا ٿي ويا، مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته واپاري نواب علي سومرو ۽ سندس دوست پ پ اڳواڻ ديدار علي بيهڻ گذريل سومر جي رات 11 وڳي ڏوڪري چنا پل کان ڳوٺ طرف اچي رهيا هئا ته نامعلوم ڪار سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڊ تي پٿر رکي روڊ بلاڪ ڪري يرغمال بڻائي ڪار سميت اغوا ڪري کڻي ويا ، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مغوين جا نمبر بند ٿيڻ ڪري ڪار ۾ لڳل ٽريڪر ذريعي جاچ ڪئي ته خبر پئي ڪار جيڪب آباد طرف وڃي رهي آهي جنهن جو پڻ پوليس کي اطلاع ڏنو، جڏهن ته ڪجهه دير بعد رات جو دير سان ڪار بلوچستان صوبي جي علائقي جعفرآباد پهتي هئي جتي هٿياربندن ڪار روڊ تي ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن کان پوءِ مغوين جا وارث لاڙڪاڻو پوليس سان گڏجي بلوچستان جي علائقي جعفرآباد مان ڪار ڪاهڻ لاءِ ويا، هوڏانهن حد جي ايئرپورٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي کوجي ڪتي ذريعي پيرا کنيا جيڪي صرف ڳوٺ ڏانهن ايندڙ مک روڊ تائين ظاهر ٿيا جنهن سان اغوا ڪار هٿياربندن جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي، هوڏانهن حد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي جي وارثن پاران ڪالهھ صبع اغوا ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي ڪار بلوچستان جي علائقي جعفرآباد مان ملڻ جا اطلاع مليا آهن.