ڏوڪري ٿاڻي مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ
جُون 21, 2025
ڏوڪري (پنهنجي ڊيسڪ) ڏوڪري ٿاڻي جي احاطي مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ باڊهه واسي محبوب جوڳي طور ٿي. ڏوڪري ٿاڻي جي ڀرسان هٿ آيل نامعلوم لاش جي سڃاڻپ سندس ڀاءُ ڪئي. سڙيل لاش هٿ اچڻ تي ڏوڪري ٽائون انتظاميا لاش کڻائي ڏوڪري اسپتال پهچايو سڃاڻپ نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاش بنا پوسٽ مارٽم جي ايڌي لاڙڪاڻو حوالي ڪيو ويو.
هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته هٿ آيل نامعلوم لاش جي وارثن باڊهه واسي جوڳي برادري ٿاڻي تي اچي اطلاع ڏنو آهي ته سندس لاش هن جي ڀاءُ جو آهي جيڪو نشو واپرائيندو هو جنهن سبب هن جو موت ٿيو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته وارث لاش کڻائڻ لاءِ ايڌي لاڙڪاڻو ويل آهن.