ڏوڪري(ن پ و) ڏوڪري ۾ ناري سان زيادتي جي ڪوشش جو نبيرو ڪيو ويو، جرڳي ۾ جوابدارن کي ڳوٺ نيڪالي ۽ 9 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي
ڳوٺ گاجيديرو جي رهواسي منٺار سيال جي 17 سالن جي ڌيءَ پرويزه سيال سان 3 هفتا اڳ زيادتي جي ڪوشش جو پيپلزپارٽي اڳواڻ رياض شاهه وٽ جرڳو ٿيو
ٻنھي ڌرين جي مشيرن جي موجودگي ۾ ناري سان ڏاڍائي جي ڪوشش جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن مٿان مجمعوعي طور تي 9 لک ڏنڊ ۽ هڪ سال ڳوٺ کان نيڪالي جي فتواي ٻڌائي وئي
جرڳو ڪندڙ پاران هڪ لک تڏي جا معاف ڪيا ويا، جڏھن ته 8 لک رپيا جوابدار ڌر ميڙ سان گڏ ٽن قسطن ۾ ناري جي وارثن کي ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ جي پابند هوندي
ان موقعي تي ناري جي والد منٺار سيال چيو ته منهنجي ڌي جو فيصلو پ پ اڳواڻ سيد رياض حسين شاھ ڪيو آھي، جوابدار تي منهنجي ڌي سان ڏاڍائي جي ڪوشش جو ڏوهه ثابت ٿيو جنهن بعد جوابدار ڌر تي 9 لک ڏنڊ وڌو ويو آھي ۽ جوابدار هڪ سال ڳوٺ ۾ به نه ايندو
ٻئي طرف فتح پور پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار جبار سيال، گلزار سيال، ياسين سيال، منظور سيال، ديدار سيال سميت ڇهن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي