| ڏوڪڙ وڌايو: اڪشي کنا “دريشم 3 ” کي لوڏي ڇڏيو: پروڊيوسر پاران قانوني نوٽيس |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم “ڌريندر” کي پنهنجي نرالي اداڪاري ذريعي شهرت جي بلندين تي پهچائيندڙ اداڪار اڪشي کنا هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻيل آهي، هن ڀيري سندس شهرت جو سبب اداڪاري نه پر قانوني تڪرار آهي. فلم ‘ڌرنڌر’ جي ڪاميابي کانپوءِ اڪشي کنا ٽيڪسٽ پيغام ذريعي اجي ديوگن جي بلاڪ بسٽر فرنچائيز ‘دريشم’ جي ٽئين سيڪوئل ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب اڪشي پروڊيوسر کي معاوضو وڌائڻ ۽ اسڪرپٽ ۾ تبديلي آڻڻ جي فرمائش ڪئي، انهي ڳالهه ‘دريشم 3’ جي پروڊيوسر ڪمار منگت پاٺڪ کي چيڙائي وڌو، هن اڪشي کنا خلاف قانوني نوٽيس موڪلي سندس رويي کي غير پيشواراڻو قرار ڏنو. قانوني نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اڪشي کنا گذريل مهيني هڪ باضابطه معاهدو ڪيو هو، پروڊيوسر کيس اڳواٽ رقم به ڏني هئي، ڳالهين جي 3 دورن کانپوءِ معاوضو طئه ڪيو ويو. هوڏانهن پروڊيوسر ڪمار منگت پاٺڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ٻن سالن کان ‘دريشم 3’ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان اڪشي کي فلم جو اسڪرپٽ پڻ ٻڌايو هو، جيڪو کيس پسند آيو. اڪشي معاهدو صحيح ڪرڻ ۽ معاوضو وٺڻ کانپوءِ اوچتو فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪو اسان لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. پروڊيوسر جو چوڻ آهي ته اڪشي کنا جو ڪردار فلم لاءِ اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن ‘دريشم 2’ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته اڪشي جي اوچتو الڳ ٿيڻ سان فلم جي منصوبابندي، شوٽنگ شيڊول ۽ تسلسل متاثر ٿيندو، ٻئي طرف اڪشي کنا انهي قانوني نوٽيس تي ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي، سندس مداح پريشان آهن ته ڇا هي معاملو عدالت ۾ ويندو؟ ياد رهي ته اڪشي کنا ‘دريشم 2’ ۾ انسپيڪٽر جنرل جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کي مداحن ۽ نقادن طرفان تمام گهڻو ساراهيو هو. اها فلم 18 نومبر 2022 تي رليز ٿي، جيڪا سپر هٽ ثابت ٿي.