ڏيئي لڳ عورت ۽ ٻارڙي مبينا طور اغوا، حملي ۾ نوجوان ۽ سندس ڀيڻ مرڻينگ
جنوري 16, 2025
ڏيئي (رپورٽ: محمد يوسف رستماڻي) ڏيئو لڳ سڱاوتي تڪرار تان عورت ۽ ٻارڙي مبينا طور اغوا،حملي ۾ ڀيڻ ۽ ڀاءُ مرڻينگ، خبر موجب ڏيئي ويجهو ڳوٺ نبي بخش چانڊيو جي رھواسي 5 مھينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان محبوب علي چانڊيو ۽ سندس ڀيڻ نجما چانڊيو کي پيار جو پرڻو ٿيل ناري جي وارثن لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪيو ويو جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو آندو ويو جتان سندن حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين حيدرآباد اماڻيون ويو.تعلقي اسپتال ۾ زخمي ٿيل نوجوان محبوب علي چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته ھن 5 مھينا اڳ ياسمين چانڊيو سان پيار جو پرڻو ڪيو ھو اڄ مائٽن جي شادي تي وياسين پئي ته رستي ۾ سم نالي وٽ ناري جي مائٽن اسانکي لٺيون ۽ ڪھاڙيون زخمي ڪرڻ بعد اسان سان گڏ منهنجي زال ياسمين چانڊيو ۽ 8 سالن جي ڀائٽي راڻي ڌيء علي حسن چانڊيو کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن جڏهن ته ڏيئي پوليس موجب ڏيئي ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ درج ڪئي وئي آهي وڌيڪ پرڻو ٿيل ناري ياسمين چانڊيو ۽ ٻارڙي راڻي ڌيء علي حسن چانڊيو جي اغوا بابت جاچ ڪري رھيا آھيون.