ڏيئي لڳ معصوم ٻارڙي پراسرار بيماري ۾ مبتلا، پوليو جو شڪ

جُولاءِ 18, 2023

ڏيئي (رپورٽر) ڏيئي لڳ ڳوٺ ليمون جمالي ۾ پورهيت جي 17 مهينن جي معصوم نياڻي ڪائنات پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي

وارثن ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو آهي ۽ سنڌ سرڪار کان علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي

پورهيت سيف جمالي جي 17 مھينن جي نياڻي ڪائنات جو مختلف شهرن مان علاج پڻ ڪرايو ويو پر صحت ۾ سڌارو ناهي آيو

نينگري جي والد چيو آهي ته اسان غريب آهيون، وڌيڪ علاج جي سگهه ناهي، سرڪاري توڙي نجي اسپتالن مان نياڻي جو علاج ڪرايو آهي

ٻارڙي جي والد چيو ته ڪائنات کي پراسرار بيماري آهي، هن وقت تائين ان بيماري جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، پوليو جو شڪ آهي

نينگري جي وارثن چيو ته اسان سنڌ سرڪار کي اپيل ڪريون ٿا ته نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي نياڻي جي جان بچائي وڃي

Leave A Comment