| ڏيئي مان نينگري اغوا ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو |
ڏيئي(ن پ ا) ڏيئي ڀرسان ڳوٺ فضل خاصخيلي مان چار ڏينهن پهرين ڏهه سالا نينگري عزيراه ولد سائين بخش خاصخيلي اغوا ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ فضل خاصخيلي مان چار ڏينهن پهرين ڏهه سالا نينگري عزيراه خاصخيلي ولد سائين بخش خاصخيلي کي مبينا اغوا ڪيو ويو، جنهن جو الزام جوابدار عطا خاصخيلي، يوسف خاصخيلي، نويد ڪلوئي، راشد ڪلوئي تي لڳايو ويو آهي. ناريءَ جي والد سائين بخش خاصخيلي سندس ماءُ ۽ نينگري جي ڀائرن ٻڌايو ته چار جوابدار اسانجي نياڻي کي هٿيارن جي روز تي اغوا ڪري کڻي ويا آهن جيڪا اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، هنن چيو ته جوابدار باراثر آهن ۽ اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن بعد اسان ڏيئي ٿاڻي تي چار جوابدارن عطا خاصخيلي،يوسف خاصخيلي،نويد ڪلوئي،راشد ڪلوئي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي هنن چيو ته اسان ايس ايس پي بدين ايچ ايس او ڏيئي کي اپيل ٿا ڪيو ته اسان جي نياڻي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي پاسي ڏيئي ايس ايچ او غلام حيدر پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نينگري جي اغوا جي چار ڄڻن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ جلد پوليس ڪارروائي ڪري نياڻي بازياب ڪرائيندي ۽ نياڻي جي وارثن سان انصاف ٿيندو ٻئي پاسي ايف آءَ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ خبر موڪلڻ تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.