ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي ويجهو ڳوٺ سانگي ڦرهو واسڻ ٽن ٻارن جي ماءُ جو گهر اندر ڦاهو کاڌل لاش هٿ، اطلاع تي ڏيئي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو
سانگي ڦرهو جي ميمڻ پاڙي واسڻ شريمتي برمي زال پارو ڪولھيءَ جو گهر اندر لاش ڏسي وارثن ڏيئي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو منتقل ڪيو
جتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري ڪيترائي ڪلاڪ لاش اسپتال ۾ پيل رهيو. بعد اسپتال جي عملي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر موڪل تي ويل آهي
جنهن بعد وارث ۽ پوليس لاش کي کڻائي 100 ڪلوميٽر پري ماتلي روانا ٿي ويا. وارثن موجب ناري ڪجهه ڏينهن کان پريشانين ۾ مبتلا هئي