| ڏيئي ويجهو ڳوٺاڻن جو گس بند، جهيڙو، ڪهاڙين سان حملو، تشدد، 4 رتورت، وڏيري تي الزام |
ڏيئي (رپورٽ: اڪبر رستماڻي) ڏيئي ڀرسان ڳوٺ فقيرقاسم خاصخيلي ۾ وڏيري ڳوٺاڻن جو گس بند ڪري ڇڏيو، رستوکولڻ تان وڏيرو مڇرجي پيو، ان دوران ڳوٺاڻن ۽ وڏيري وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻن معصوم نياڻين سميت ٻه ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، نازڪ حالت ۾ کين ٽنڊوباگو کان حيدرآباد ريفر ڏيئي ٿاڻي تي ڪيس داخل رپورٽ موجب ڏيئي ڀرسان ڳوٺ فقيرقاسم خاصخيلي ۾ وڏيري ڳوٺاڻن جو گس بند ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻڻ پاران اچ وڃ ۾ تڪليف سبب گس کوليو ته ڳوٺ جي وڏيري ،سندس پٽن پاران ڪهاڙين ۽ ليٺن سان ڳوٺاڻن تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پرائمري استاد بخش علي عرفو بخشو خاصخيلي،سندس نوجوان پٽ هدايت الله ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻئي پاسي وڏيري ۽ سندس پٽن ٻن معصومن نياڻين تي وحشاڻو سخت تشدد ڪيو هوڏانهن ڪهآڙيون لڳڻ ڪري استاد بّخشو ۽ سندس پٽ هدايت الله خاصخيلي کي زخمي حالت ۾ سرڪاري اسپتال ٽنڊوباگو نيو ويو جتي سندن حالت نازڪ هجڻ ڪري طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏهن ته زخمي استاد جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته وڏيري اسانجو گذريل ٽن مهينن کان گس بند ڪري ڇڏيو هو جنهن ڪري اسانکي وڃڻ وڃڻ ۾ ڪافي تڪليف هئي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.