ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو گهٽجي ويو، موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ وڌائي ڇڏي

آگسٽ 29, 2024

اسلام آباد (بيورورپورٽ) عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ هڪ درجو بهتر ڪري ڇڏي. موڊيز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني معيشت جو منظرنامو هاڪاري آهي، جنهن سبب پاڪستان جي ريٽنگ Caa2 ڪئي وئي آهي. ريٽنگ ايجنسي موجب پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال تي ريٽنگ Caa2 ڪئي وئي، پاڪستان جي ليڪوڊٽي صورتحال ۾ معمولي بهتري به ريٽنگ بهتر ٿيڻ جو سبب آهي. موڊيز جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڊيفالٽ رسڪ ۾ گهٽتائي به ريٽنگ بهتر ٿيڻ جو ڪارڻ آهي.

Leave A Comment