| ڏيپلو: شادي کان مهينو اڳ ناري جي خودڪشي، مڱيندي پاران به پاڻ مارڻ جي ڪوشش |
ڏيپلو (رپورٽ: نريش موراڻي) ڏيپلي ويجهو ڳوٺ ڊنڍي ۾ 18 سالن جي نوجوان ناري سسئي ڀٽي جو گهر ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي ڏيپلو پوليس پهچي تفصيل وٺڻ بعد ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال آندو . جتان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ناري جي خودڪشي جي خبر پوڻ تي سندس سئوٽ مڱيندي ثناالله ڀٽي پنهنجو پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. جنهن کي وارث ايمرجنسي ۾ حيدرآباد اسپتال کڻي ويا آھن، جتي ڊاڪٽرن پاران کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب ناري جي وارثن ناري جو دماغي توازن درست نه ھئڻ ڪري خودڪشي جو بيان ڏنو آھي ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ناري جو علاج ھلندڙ ھو مهيني بعدشادي به رٿيل ھئي ليڪن ناري خودڪشي ڪري ڇڏي.