ڏيپلي واسي جي قتل ۾ روپوش ٻه اهلڪار نوڪرين تان برطرف

ڏيپلي واسي جي قتل ۾ روپوش ٻه اهلڪار نوڪرين تان برطرف

مٺي(رپورٽر) ڏيپلو ڀرسان مارجي ويل بدين واسي نوجوان رمضان کوسو جي قتل ڪيس ۾  روپوش ٻن پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ  نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي. برطرف ڪيل پوليس اهلڪارن ۾ شوڪت راهمون ۽ لعل محمد بجير شامل آهن، جن خلاف نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ سميت پوليس اهلڪار پرڪاش ميگھواڙ ۽ هڪ نجي شخص پهلاج ميگھواڙ اڳ ئي گرفتار ڪيا ويا آهن.پوليس موجب رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ نامزد پوليس اهلڪار شوڪت راهمون ۽ لعل محمد بجير في الحال گرفتار ٿي نه سگهيا آهن ۽ مبينا طور روپوش آهن،جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.ان موقعي تي فريادي عبدالسلام کوسو جو چوڻ هو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون اسان سان ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي رهيل ملوث اهلڪارن کي به نوڪري مان برطرف ڪيو وڃي ۽ روپوش جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي پاسي ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ چيو ته ٿر هڪ پرامن خطو آهي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين جيڪڏهن منهنجو ڪوبه پوليس اهلڪار ڏوهاري ثابت ٿيو ته ان کان قانون موجب حساب وٺڻ منهنجي ذميواري آهي،