| ڏيپلي ويجهو نوجوان گاڏي اندر گوليون هڻي قتل، پوليس تي الزام، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو |
ڏيپلو / مٺي / بدين ( رپورٽ: ممتاز نهڙيو / نريش موراڻي / شفيع جوڻيجو ) ڏيپلو ڀرسان بدين ضلعي جي ڳوٺ پيربخش کوسو جي 25 سالا نوجوان رمضان کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آھي مقتول نوجوان رمضان کوسو جي گاڏي مٿان ٿيل فائرنگ دوران گاڏي کي پنج کان وڌيڪ گوليون لڳل ٻڌايون وڃن ٿيون جڏهن ته نوجوان ڪار ۾ اڪيلو سوار هو جنهن کي هڪ گولي جسم ۾لڳي جنهن سبب سندس موت ٿيو، وارثن سخت احتجاج ڪندي لاش رکي ڌرڻو هنيو. نوجوان جي وارثن ڏيپلو پوليس مٿان نوجوان کي قتل ڪرڻ جو الزام هڻندي ايس ايڇ او سميت ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔ ان ڏس ۾ ڏيپلو کان ڪڍڻ روڊ تي نامعلوم جوابدارن ڪار مٿان فائرنگ ڪري نوجوان رمضان کوسو کي قتل ڪري سرزمين تان فرار ٿي ويا۔ جنهن بعد نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال ڏيپلو آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان کي هڪ گولي لڳڻ سبب موت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي آھي۔ جيڪا گولي پويان پٺن کان لڳي سيني وٽ ڦاسي پئي جيڪا ڊاڪٽرن ٻاهر ڪڍي ورتي آھي ڊاڪٽر شنڪر موجب نوجوان کي هڪ گولي لڳل آھي پر في الحال اهو نٿو ٻڌائي سگهجي ته گولي ڪهڙي هٿيار جي آھي هوڏانهن مقتول نوجوان جي وارثن ڀاء سلام کوسو۔ سئوٽ اسلم کوسو۔ چاچي محمد کوسو ۽ ٻين الزام لڳايو آھي ته اسانجي نوجوان کي ڏيپلو پوليس ايس ايڇ او جي خانگي ڪار ۾ سوار ٿي بي دردي سان قتل ڪيو آھي هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ ڏيپلو ٿاڻي تي آيا هئاسين ته ايس ايڇ او ڏيپلو اسانجي روبرو مقتول ڀاء رمضان کوسو کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ اڄ سندس خانگي گاڏي ۾ سوار اهلڪارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو۔ اسانکي ڪو شڪ نه پر پڪ آھي ته نوجوان کي پوليس قتل ڪيو آھي۔ ڪيس پوليس مٿان داخل ڪيو وڃي۔پوليس نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد اسپتال به نه پهچايو ويو جنهن ڪري هو فوت ٿي ويو۔ اسانجي نوجوان کي ڏيپلو کان بدين طرف ڪار ۾ويندي پيڇو ڪري آيل ايس ايڇ او جي خانگي گاڏي ۾سوار اهلڪارن سڌيون گوليون هنيون۔ اسان سان انصاف ڪيو وڃي،
| ڪيس ۽ گرفتاريون: وارثن لاش کڻڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو |
مٺي/ ڏيپلو: مقتول نوجوان جي وارثن پاران پوليس مٿان ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ ملوث ايس ايڇ او سميت اهلڪارن کي گرفتار نه ڪرڻ تائين لاش کڻائي وڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي سندن چون آھي ته جيستائين ڪيس داخل نه ٿيندو تيستائين لاش کڻي نه وينداسين، هنن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪاري آھي۔ مارجي ويل نوجوان رمضان کوسو کي ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي
جاچ ۽ پوسٽ مارٽم بعد سڀ ڪجهه سامهون ايندو، وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ٿيندو: ڊي ايس پي
ڏيپلو: هوڏانهن ڏيپلو تعلقي اسپتال پهتل ڊي ايس پي مٺي ماجد ڪي ڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان نوجوان جي مارجڻ جي اطلاع تي پهتا آھيون معاملي جي جاچ ڪريون پيا جاچ ۽ پوسٽ مارٽم بعد سڀ ڪجهھ سامهون اچي ويندو۔ نوجوان جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪنداسين۔ ۽ شفاف جاچ ٿيندي۔ هن چيو ته پوليس تي قتل جي الزام بابت في الحال ڪجھ چئي نٿو سگهان۔ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي۔ اڃان تائين ڪنفرم نٿو چئي سگهجي ته نوجوان کي ڪنهن قتل ڪيو آھي
پوليس نوجوان ماريو، وارثن سان گڏ آهيون: اڳوڻو ضلعي چيئرمين ارباب انور
ڏيپلو: اڳوڻي ضلعي چيئرمين ارباب انور جبار اسپتال پهچي وارثن سان همدردي جو اظھار ڪيو ۽ ڳالهائيندي چيو ته نوجوان کي پوليس قتل ڪيو آھي اسان وارثن سان گڏ آھيون۔ مقتول جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گهرجي مارجي ويل نوجوان رمضان کوسو کي ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي.