| ڏيپلي پوليس هٿان قتل نوجوان جي وارثن جو مٺي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو، در بند |
مٺي(رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي ۾ ڏيپلو ڀرسان پوليس هٿان مبينا طور قتل ٿيل بدين ضلعي جي ڳوٺ پير بخش کوسو جي رهواسي نوجوان رمضان کوسو جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن پاران مختلف چوڪن تي ڌرڻن ۽ احتجاجي پيادل مارچ ڪرڻ بعد ايس ايس پي آفيس جي مک دروازي تي ڪيترائي ڌرڻو هڻي ڇڏيو جنهن ڪري ايس ايس پي آفيس جو دروازو بند ٿي ويو ۽ ٻاهران ٽرئفڪ معطل ٿي وئي۔ جڏهن ته احتجاج ۾ مقتول جا معصوم ٻارڙن ۽ پيرسن والد ۽ ڀائرن سميت وڏي انگ ۾ کوسا برادري جا ماڻھو ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ هئا۔ مقتول جي وارثن جڊيشل ڪامپليڪس ٻاهران قاتلن جي گرفتاري لاء ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ کانپوء مارچ ڪري ڪشمير چوڪ تي پڻ ڌرڻو هنيو ۽ قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعري بازي ڪئي جنهن سبب شھر جو مک رستو بلاڪ رهيو۔ ڪشمير چوڪ کان ٻيهر پيادل مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو هڻي ڇڏيو۔ ايس ايس پي آفيس اڳيان لڳل ڌرڻي ۾ اڳوڻو ضلعي ناظم ارباب انور جبار ۔ محمد خان لنڊ رئيس ممتاز کوسو۔ در محمد کوسو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻ پڻ يڪجهتي طور شامل ٿي ويا۔ ايس ايس پي آفيس اڳيان لڳل ڌرڻي ۾ قتل ڪيس جو انوسٽيگيشن آفيسر ۽ جاچ ڪميٽي جو سربراه ڊي ايس پي ڇاڇرو لطف علي لغاري ڳالهين لاء پهتو جنهن سان ڳالهين کان مقتول جي وارثن انڪار ڪري ڇڏيو۔ جنهن بعد ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهيو۔ آخرڪار ايس ايس پي شعيب ميمڻ کوسا برادري جي وفد سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ايس ايس پي ڌرڻي واري هنڌ پهچي جوابدارن کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي دعوئ ڪئي ته ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن مان ٻن جوسبدارن ۽ هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو سندس اهڙي خاطري بعد وارثن هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هنن چيو ته ايس ايس پي جي خاطري تي آخري ڀيرو اعتبار ڪري احتجاج ختم ڪيو آهي اگر واعدو وفا ڪري قاتل گرفتار نه ٿيا ته ايندڙ احتجاج جو دائرو نه رڳو مٺي پر سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو
بابا جا قاتل جهليو: معصوم ٻارڙن جون رڙيون، جذباتي منظر، ماڻهو لڙڪ روڪي نه سگهيا
مٺي: مقتول رمضان کوسو جو پيرسن والد ۽ معصوم ٻارڙا به احتجاج دوران قاتلن جي گرفتاري لاءِ رڙيون ڪندا رهيا ۽ قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيئي انصاف التجائون ڪندا رهيا۔ جڏهن مقتول جي معصوم ٻارن ۽ پيرسن والد قاتلن جي گرفتارين لاء رڙيون ڪيون ته ماحول ڏکارو ۽ جذباتي بڻجي ويو ۽ احتجاج ۾ شريڪ ماڻھو به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا
قتل ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايچ او جي ڪچي ضمانت ۾ جمعي تائين واڌ، سيڪيورٽي سخت
مٺي: ڏيپلو ڀرسان نوجوان رمضان کوسو جي قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ پڪي ضمانت لاء مٺي جي عدالت پهتو۔لاڳاپيل ايڊيشنل سيشن جج ون مٺي جي عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري ڪچي ضمانت ۾ واڌ ڪري ايندڙ تاريخ 5 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آھي۔ عدالت اڳوڻو ايس ايڇ او کي رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ پهرين ڊسمبر تائين ڪچي ضمانت ڏني هئي ۽ پڪي ضمانت لاء بحث ٿيڻو هو۔ لاڳاپيل عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري 5 ڊسمبر تائين ڪچي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي۔ امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء عدالت ٻاهران حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا ۽ وڏي انگ ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري کي گهرايو ويو هو۔ هوڏانهن واضع رهي ته ڏيپلو ڀرسان بدين ضلعي جي ڳوٺ پير بخش کوسو جي رهواسي نوجوان رمضان کوسو کي ڏيپلو پوليس مبينا طور گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو
پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي: ارباب انور جبار
مٺي : رمضان کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاء لڳل ڌرڻي ۾ پهتل ٿرپارڪر ضلعي جي اڳوڻي ناظم ارباب انور جبار ڳالهائيندي چيو ته اسان مقتول جي وارثن سان گڏ آھيون قاتلن جي گرفتارين لاءِ ٿيندڙ احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا۔ پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي۔ قاتلن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي۔