| ڏيپلي ۾ قتل رمضان کوسو جو ڪيس سڄي رات ڌرڻي بعد 5 اهلڪارن تي داخل: ايس ايچ او سميت 3 معطل |
مٺي/ڏيپلو/ڪلوئي(نمائندن وٽان) ڏيپلو ڀرسان رستي ويندي ڪار سوار نوجوان رمضان کوسو کي ڪار سوارن پاران گولي هڻي قتل ڪرڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ايس ايس پي ٿرپارڪر ايس ايچ او ڏيپلو سميت 3 پوليس اهلڪارن کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري نوجوان جي وارثن پاران پهريان علي بندر ، ڏيپلو روڊ بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. بعد ۾ ڏيپلو اسپتال مان لاش کڻي مٺي جي ڦانگاريو اسٽاپ تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي ويهي رھيا، جتي نوجوان جي وارثن سان ھمدردي طور اڳوڻو ضلعي ناظم ارباب انور جبار ۽ بئريسٽر ارباب فضل پھچي ويا جنهن کان پوء ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني، بعد ۾ ارباب انور جبار ، بئريسٽر ارباب فضل الله نوجوان جي ڀاء عبدالسلام اسلم ۽ ٻين کي ساڻ ڪري ڏيپلو ٿاڻي تي پھچي، قتل ٿيل نوجوان رمضان کوسو جي ڀاء عبدالسلام جي فرياد تي ايس ايڇ اوڏيپلو حسين بخش راڄڙ، ڊرائيور لال محمد بجير ، پوليس اهلڪار شوڪت راهمون،پوليس اهلڪار پرڪاش ميگهواڙ ۽ هڪ سول انفارمر پهلاج ميگهواڙ تي ڪيس داخل ڪرايو، قتل ٿيل نوجوان واقعي بابت اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور جبار ۽ وارثن پاران مٺي، ڏيپلو، ڪلوئي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج بعد 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. . مقتول رمضان کوسو جي ڀاء عبدالسلام کوسو داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجو ڀاء ڪم سانگي ڪڍڻ واري رستي ڏيپلو تعلقي طرف ڪار ۾ سوار ٿي آيو هو ته ايس ايڇ او ۽ ڄاڻايل اهلڪارن هڪ خانگي شخص سان گڏجي کيس سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ سندس شاهدن جوابدارن کي قتل ڪرڻ دوران اکين سان ڏٺو آھي پوليس وارا قتل ۾ ملوث آھن۔ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه گرفتاري ٿي نه سگهي آهي. هوڏانهن قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود وارثن لاش رکي هنيل ڌرڻو جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔ جنهن بعد ايس ايس پي شعيب ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت گهري جنهن دوران ايس ايس پي جي خاطري تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو ۽ لاش کڻائي مقتول جي اباڻي ڳوٺ ڪڍڻ ڀرسان ڳوٺ پيربخش کوسو طرف روانو ٿي ويا. ٻئي پاسي قتل ٿيل نوجوان رمضان کوسو جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڏپپلو پريس ڪلب آڏو شهري اتحاد جي عمران باغي، جي يو آئي جي مولوي عباس ڪلر، عوامي تحريڪ جي محمد عمر بجير، ميوارام ساقي سميت مختلف جماعتن جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته ڏيپلو ۾ پوليس گردي قائم آهي ڪجه ڏينهن اڳ پ پ جي ايم پي سريندر ولاسائي سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکي ته ڏيپلو ۽ ڪلوميٽر ۾ پوليس ٽارچر ھوم قائم آهي، جتي ماڻھن کي ٽارچر ڪيو وڃي ٿو، جنهن پوسٽ جي پوليس جي بالا آفيسرن ڪابه انڪوائري نه ڪئي، جنهن جو نتيجو اڄ اوھان جي سامهون آهي جو پوليس ھڪ نوجوان جو لاش اوھان کي ڏنو، نوجوان قتل ڪيس ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هوڏانهن ڪوئي ۾ به علائقي واسين پاران ڪراچي ٿرڪول مين روڊ تي ونگو پتڻ وٽ اڌ ڏينھن تائين ڌرڻو هنيو ويو. محمد حنيف، عثمان ھالو، انعام الدين علواڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. اھلڪارن تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.