تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

ڏِياري … پارومل پريمي

                 سناتن ڌرم ۾ “ڏياري” جو تهوار، تهوارن جو بادشاهه ليکيو ويندو آهي، ڏِياري جي معنٰي آهي ڏيئن واري خوشي، ان لاءِ هِن ڏڻ کي “روشنين جو تهوار” پڻ سڏيو ويندو آهي. ڏياري، ديوالي يا ديپاولي جو ڏڻ يا تهوار اسان لاءِ خوشين ۽ مسرتن جو تهوار آهي. هي تهوار هر سال اَسو مهيني جي آخري هفتي ۾ اماوس کي پونم سان ختم ڪرڻ ئي ڏياري جو اصل مفهوم آهي. ڏياري کان ڪجهه ڏينهن اڳ گهرن کي گند ڪچري کان صاف ڪري رنگَ روغن ۽ پوچو ليپو ڪبو آهي، گهرن مان پُراڻا ڀڳل ٽُٽل بَرتن ۽ ٻيو گهريلو سامان ڪڍي نئون سامان ۽ برتن خريد ڪري گهر جي رونق وڌائي ويندي آهي. هِن ڏِڻ کي موسم جي حوالي سان پڻ وڏي اهميت حاصل آهي ته هيءُ ڏڻ سياري جي مُند شروع ٿيڻ جو پيغام ڏئي ٿو. انهيءَ موسم ۾ هاري ناري پوکن، فصلن ۽ لابارن کان واندا ٿي خوشيون ملهائڻ جي موج م هوندا آهن. ڏياري جو اصل مقصد خوشيون ملهائن، نتِ نوان وستر (ويس وڳا) پائڻ، کائڻ پيئڻ ۽ مٺائي ورهائڻ ئي ناهي پر حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ، ڏکوئلين ۽ ڪمزورانسانيت جي مدد ڪرڻ، هر ڪنهن سان احترام سان پيش اَچڻ، غريب پاڙيسرين جي مدد ڪرڻ، مجبور ماڻهن جي ڏُک ، سور  ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن مڙني ڳالهين جو وچن ڪرڻ ئي ڏياري جو اصل مفهوم آهي. زندگي جو مقصد پاڻ کي خوش رکڻ نه  پر ٻين کي پنهنجي خوشين م شريڪ ڪرڻ ئي هِن ڏڻ جو اصل پيغام آهي.

ڏياري ملهائڻ جو اصل پسمنظر ڪجهه هِن ريت آهي ته ايوڌيا نگري جي راجا دشرٿ کي 3 راڻيون هيون جن مان 4 راجڪمار پيدا ٿيا. وڏي راڻي ماتا ڪوشليا مان شِري رام، ماتا سمترا مان لڪشمڻ ۽ شتروگهن۽ ننڍي راڻي ماتا ڪيڪئي مان ڀَرَت جنم ورتو. شِري رام ننڍپڻ کان ئي اَنيڪ ليلائون ڏيکاري، ماتا پتا توڙي پِرجا کي سُک ڏيڻ لاءِ جَتن ڪندو رهندو هو، سندس وهانءُ جنڪ پور جي راجا جَنڪ جي پُتري سِيتا سان ٿيو. مهاراجا دشرٿ پنهنجي وڏي راجڪمار شِري رام کي راج گدي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته اَيوڌيا نگر جي عوام (پرجا) ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي پر ننڍي راڻي ماتا ڪيڪئي کي اِها ڳالهه نه وڻي،  ڇو ته هوءَ ڀَرت کي مستقبل جو راجا ڏسڻ جي خواهشمند هئي ۽ اها صرف سندس ئي تمنا هئي پر ڀرت ان باري ۾ اڻڄاڻ هو. راجا دشرٿ راڻي ماتا ڪيڪئي کان پڇيو ته جڏهن پوري ايوڌيانگري ۾ جشن جهڙو ماحول آهي ته تون خوش نه آهين سو ڇاڪاڻ ؟   راڻي ماتا ڪيڪئي چيو ته توهان کي پنهنجو وچن ياد ڏيارڻ چاهيان ٿي جيڪو توهان مون کي اُن وقت ڏنو هو جڏهن هڪ دفعي توهان زخمي ٿي پيا هئا ۽ مون اوهان جي جان بچائي هئي، جنهن جي بدلي ۾ توهان مونکي انعام ڏيڻ چاهيوته مون ان وقت توهان کان هڪ وچن ورتو هو ۽ چيو هئم ته وقت اچڻ تي اِهو وچن پورو ڪرائينديس ۽ هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، پنهنجي وچن کي ورجائيندي ماتا گُھرڪئي ته ڀَرت کي راج گدي تي ويهاريو وڃي ۽ شِري رام کي 14 سال بنواس موڪليو وڃي. راجا دشرٿ ننڍي راڻي جا مطالبا بُڌي رنجيده ٿي ويو پر هُن مطالبا مڃيندي چيو ته رگهوڪل جي رِيت سدا هلندي اچي ته “ پِراڻ وڃن پر وچن نه وڃي” شري رام کي جڏهن ان ڳالهه جي سُڌ پيئي ته هن بنواس وڃڻ جي تياري ڪئي ڇو ته وڏو پُٽ هئڻ جي ناتي پنهنجي پتا جي وچن کي نڀائڻ سندس فرض هو. شري رام جي پَتني ماتا سِيتا ۽ ڀاءُ لڪشمڻ پڻ بنواس وڃڻ لاءِ روانا ٿيا پر ڀَرت راج گدي قبول نه ڪئي. شِري رام جي ويندي ئي مهاراجا دشرٿ اهڙو بيمار ٿي پيو جو هُو پرلوڪ پڌاري ويو. جڏهن شِري رام، سِيتا ۽ لڪشمڻ سان گڏ بَنواس جا 14 سال پورا ڪري اَيوڌيانگري موٽي آيو ته اَيوڌيا وارن سندس آجيان ڪرڻ لاءِ مِٽي جي ڏيئن سان اُماوس جي رات کي روشن ڪيو ته ڄَڻ ڏينهن ٿي پيو. اِها رسم اَڄ تائين هلندي پئي اچي. ڀرت راج تِلڪ ڏيئي شِري رام کي گدي ٿي ويهاريو ته ايوڌيا نگري واسين خوشيءَ وچان رقص ڪندا رهيا.

ڏياريءَ جي موقعي تي رات جو بَتيون اُجهايون (وسايون) وينديون آهن، رات جو گيهه جا ڏيئا ٻاري ماتا لڪشمي جي پُوڄا ڪبي آهي. روايت آهي ته اُن رات لڇمي ماتا دولت جي ديوي هر گهر ۾ چمتڪار ڏيکاريندي آهي. ڏياري جي ٻئي ڏينهن مندرن ۽ عبادتگاهن ۾ پُوڄاپاٺ ڪري نئين دور جو آغاز ڪيو ويندو آهي۽ تمام هندو برادري پاران پرماتما (پروردگار) آڏو پنهنجي گناهن جي معافي گُهرڻ سان گڏ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پڻ خصوصي دعائون گُهريون وينديون آهن. ڏياري جي خوشين کي سيلبريٽ ڪرڻ لاءِ ڏياري جي ٻئي يا ٽئي ڏهاڙي ملڪ توڙي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هندو پئنچائيتن جي سهڪار سان مختلف ‘‘ڌرمي ناٽڪ اسٽيج ڪلچرل شوز ” ۽ “ڏياري مِلن گڏجاڻيون” پڻ رٿيون وينديون آهن جنهن ۾ هندو برادري پنهنجي فيملز سميت شرڪت ڪري لطف اندوز ٿينديون آهن.

هوڏانهن موجوده جمهوري سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي سمورن اقليتي سرڪاري ملازمن کي سندن وڏي ڏِڻ “ڏياري” جي موقعي تي هڪ مهيني جي پگهار توڙي هڪ ڏينهن جي موڪل پڻ ڏني ويندي آهي ۽ هن ڀيري تازو 10 نومبر 2020 تي اڳواٽ هندو سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ سرڪار هندو ملازمن جون دليون کٽي ورتيون آهن، جنهن تي موجوده سنڌ حڪومت کيرون لهڻي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *