ڏڦيڙ پکيڙي معيشت تباهه ڪرڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم پاران ڪارروائي جو حڪم
ڊسمبر 10, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزير اعظم چيو ته ڪنهن کي به افراتفري پکيڙي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪرڻ نه ڏينداسين، اسلام آباد ۾ انتشار، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. اِن ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انتشار ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائي دوران ڪنهن به بيگناهه شهري کي گرفتار نه ڪيو وڃي. وزيراعظم انتشار ۽ فساد پکيڙيندڙن جي نشاندهي ۽ انهن خلاف پڪا ثبوت حاصل ڪرڻ جي عمل کي موثر بڻائڻ، فساد ڪندڙن خلاف قائم ٽاسڪ فورس کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ، وفاقي پراسيڪيوشن سروس کي قانون واري وزارت هيٺ آڻڻ، اسلام آباد جيل جي تعمير کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ فنڊ فوري طور جاري ڪرڻ جون لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون ڏنيون. اجلاس کي اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال بابت قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد سيف سٽي جو دائرو وڌايو پيو وڃي ۽ سيف سٽي ڪيمرائن جو تعداد به وڌايو پيو وڃي، اسلام آباد جيل جي عمارت ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ٿي ويندي.