| ڏکن جي سالن بعد غزه ۾ خوشي جي واپسي، 54 جوڙن جي شادي |
غزه (م ڊ) غزه ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي وچ ۾ هڪ اجتماعي شادي جي تقريب خوشيءَ جا رنگ وکيري ڇڏيا. عرب ميڊيا موجب ڏکڻ غزه جي شهر خان يونس ۾ 54 جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 21,000 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب جو انعقاد متحده عرب امارات جي حمايت يافته انساني تنظيم “الفارس الشهم 3” پاران ڪيو ويو، جنهن نئين شادي شده جوڙي کي مالي مدد ۽ گهريلو سامان پڻ فراهم ڪيو. تقريب ۾ اداسي ۽ اميد جا مليل منظر نظر آيا. تقريب روايتي فلسطيني ڊبڪا ناچ، لوڪ گيتن ۽ موسيقي سان ڀريل هئي. شادي جي تقريب لاءِ هڪ اسٽيج “ثوب الفارح” (خوشي جو لباس) خاص طور تي تيار ڪيو ويو هو، جيڪو تباهي جي باوجود زندگي جي ڳولا ۽ فلسطينين جي ثابت قدمي جي علامت هو. هڪ 27 سالن جي فلسطيني ڇوڪري، جيڪا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، چيو ته، هتي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، ان جي باوجود، اسان هڪ نئين زندگي شروع ڪنداسين، خدا جي مرضي سان، هي جنگ جي خاتمي جو سبب بڻجندو. منتظمين جي مطابق، اجتماعي شادي لاءِ جوڙن کي لاٽري ذريعي چونڊيو ويو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 2,651 درخواست ڏيندڙ شامل هئا. غزه لاءِ اماراتي مشن، علي الشهي، چيو ته هي غزه ۾ فلسطينين لاءِ اميد ۽ همت جو پيغام آهي.