| ڏکن سان ڏَڌيل ڏيهه ۾ خوشي جا پل: غزه ۾ اجتماعي شادي |
غزه (م ڊ) گڏيل عرب امارتن طرفان غزا ۾ 300 فلسطيني جوڙن جي اجتماعي شادي جو اهتمام ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن غزا ۾ 300 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي ته جيئن تڪرارن سان متاثر زندگين ۾ خوشي ۽ اميد پيدا ڪري سگهجي. ان تقريب جو اهتمام خليفه بن زيد النهيان فائونڊيشن جي سهڪار سان گڏيل عرب امارتن جي گيلنٽ نائٽ 3 مهم جي هڪ حصي طور ڪيو ويو هو. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ شادي لاءِ 1191 ماڻهن درخواست ڏني هئي ۽ ڪڻن ذريعي 300 جوڙن جي چونڊ ڪئي وئي. ياد رهي ته گڏيل عرب امارتن ان کان اڳ ڊسمبر ۾ خان يونس ۾ 54 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي هئي. ميڊيا رپورٽن موجب غزا جي 20 لک کان وڌيڪ آبادي جنگ سبب بي گهر ٿي چڪي آهي، خوراڪ جي کوٽ، صحت جي خدمتن ۽ امداد تائين محدود پهچ سبب انساني بحران وڌندو پيو وڃي.