قانون ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ پنهجو ڪردار ادا ڪندس:مقبول باقر

آگسٽ 15, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ اهم ذميواري ملي آهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي،  اسان معاونت ڪنداسين

سندس چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته آئين مطابق صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، ڇاڪاڻ ته نگران حڪومت جي اهائي ذميواري هوندي آهي

جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ڪوشش آهي ته عوام جا مسئلا حل ٿين،آئون قانون ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ پنهجو ڪردار ادا ڪندس

Leave A Comment