ڏکيو وقت اچي پيو، فضول خرچ روڪڻا پوندا، نوڪريون به ڪانٽريڪٽ تي ڏنيون وينديون: وزيراعليٰ

  ڏکيو وقت اچي پيو، فضول خرچ روڪڻا پوندا، نوڪريون به ڪانٽريڪٽ تي ڏنيون وينديون: وزيراعليٰ

سيوهڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه عيد ڏھاڙي ھيليڪاپٽر ذريعي پنهنجي چونڊ تڪ تعلقي سيوھڻ جي ھڪ ڏينهن جي دوري تي پھتو ھو، پنهنجي اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ عوام سان عيد مليو ۽ انهن جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ بروقت حل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ مراد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا ڪيترائي روڊ انتهائي خراب حالت ۾ آهن جن مان صوبائي روڊن جي حالت بهتر آهي پر وفاقي روڊن جي حالت خراب آهي. هن چيو ته ڄامشورو سيوهڻ روڊ 9 سالن کان مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، 2017ع ۾ سنڌ حڪومت اڌ رقم به ڏني هئي، ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي جي حالت به خراب آهي ۽ اها موٽروي جهڙي نظر نٿي اچي، جڏهن ته سکر حيدرآباد هاءِ وي تي به ماڻهن لاءِ سفر عذاب بڻيل آهي، سڄي پاڪستان ۾ موٽروي ٺهي ويا آهن پر سنڌ ۾ اڃا تائين نه ٺهيا آهن، وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير يقين ڏياريو آهي ته سنڌ ۾ موٽروي جلد تعمير ڪيا ويندا،  هن چيو ته ٻارڻ جي بچت لاءِ سنڌ سرڪار ڪفايت شعاري تي عمل ڪري رهي آهي، 60 سيڪڙو گاڏيون گرائونڊ ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي 4 ڏينهن آفيسن ۾ ڪم ٿيندو، مون سميت وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون به گهٽايون ويون آهن، ڇو ته ڏکيو وقت اڳيان اچي رهيو آهي، گڏجي حالتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، فضول خرچيون روڪڻيون پونديون. وڏي وزير چيو ته سيوهڻ ۾ ترقياتي ڪمن جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته صوبي ۾ بجيٽ کي نظر ۾ رکندي ڪانٽريڪٽ ملازمن جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻي نوڪريون به ڪانٽريڪٽ تي ڏنيون وينديون، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ جي قيمت پڻ فراهم ڪئي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير قلندر شھباز جي مزار تي پڻ حاضري ڀري، ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعا گھري. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد، فياض عباسي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري، ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.