ڏکڻ آفريڪا جو پلاند: ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان کي شڪست

ڏکڻ آفريڪا جو پلاند: ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان کي شڪست

فيصل آباد(اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي آهي. فيصل آباد ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر پنجاهه اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 269 رنز اسڪور ڪيو. پاڪستان پاران سلمان علي آغا 69، محمد نواز 59، صائم ايوب 53 رنز سان نمايان رهيا، آفريڪي بالرن ۾ نندري برجر 4، نقابايومزي پيٽر 3، ڪوربن بوش 2 وڪيٽُون ورتيون. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم گھربل ٽارگيٽ 41هين اوور ۾ ئي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ڏکڻ آفريڪا پاران ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ شاندار سينچري اسڪور ڪندي 123 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ٽوني ڊي زورزي 76 ۽  لوهان ڊري پرٽورس 46 رنز سان نمايان رهيا.