ڏکڻ آفريڪا جي ميچ دوران ڀارت جي ٽي 20 ورلڊڪپ ڪٽ جي رونمائي

ڏکڻ آفريڪا جي ميچ دوران ڀارت جي ٽي 20 ورلڊڪپ ڪٽ جي رونمائي

رائپور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ دفاعي چيمپيئن ڀارت پنهنجي نئين ڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏي. رائپور ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ جاري ٻي ون ڊي ميچ دوران بي سي سي آءِ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڪٽ متعارف ڪرائي. دفاعي چيمپيئن طرفان ڪٽ جي مهورتي 2024ع واري عالمي ڪپ جي فاتح ڪپتان روهت شرما ڪئي، جڏهن ته هن موقعي تي نوجوان بيٽر تلڪ ورما ۽ بورڊ عهديدار پڻ موجود هئا.