ڏکڻ آفريڪا وومينز انڊر-19 ڪرڪيٽ ٽيم وطن واپس رواني

ڏکڻ آفريڪا وومينز انڊر-19 ڪرڪيٽ ٽيم وطن واپس رواني

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پهريون ڀيرو پاڪستان جي دوري بعد ڏکڻ آفريڪا وومينز انڊر-19 ڪرڪيٽ ٽيم واپس وطن رواني ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پاڪستان خلاف کيڏيل 5 ميچن تي مشتمل وومين ٽي-20 سيريز 2-3 تان پنهنجي نالي ڪئي هئي. سيريز جو مقصد ايندڙ اي سي سي وومينز انڊر-19 ٽي-20 ايشيا ڪپ ۽ آءِ سي سي وومينز انڊر-19 ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي تيارين کي حتمي روپ ڏيڻ هو. ان دوران پاڪستان وومينز انڊر-19 جي ڪپتان فضا فياض پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هدف انڊر-19 ورلڊ ڪپ آهي. ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز سٺي رهي، اسان زبردست مقابلو ڪيو. بدقسمتيءَ سان سيريز جي آخري ۽ حتمي ميچ برسات سبب متاثر ٿي. گذريل 8 مهينن ۾ پاڪستان انڊر-19 ٽيم گھڻو ڪجھه سکيو ۽ پنهنجين صلاحيتن کي بهتر بڻايو. ڪپتانيءَ جو تجربو ناياب هو ۽ بطور ڪپتان گھڻو ڪجھه سکڻ لاءِ مليو، اسان ٽنهي شعبن تي وڌيڪ محنت ڪنداسين ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ميڪي وين ورسٽ پي سي بي جي ڊجيٽل پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي شاندار ميزبانيءَ تي پي سي بي جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته انڊر-19 رانديگرن لاءِ نائيٽ ميچن جو انعقاد هڪ بهترين قدم آهي. پاڪستان خلاف سيريز کٽڻ تي خوشي آهي، اسان سخت محنت ڪئي هئي. مقامي کنڊيشنز ڏکڻ آفريڪا کان ڪجھه مختلف هيون پر اسان ان مطابق راند پيش ڪئي.