| ڏکڻ آفريڪا ڀارتي غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، 25 سالن بعد وائٽ واش، ٽيسٽ پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان هندستان کان اڳتي |
گوهاٽي (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڀارت کي 408 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ٻي ٽيسٽ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن تي ڀارتي ٽيم پنهنجي ٻي اننگ 27 رنسون ٻه رانديگر آئوٽ کان شروع ڪئي ۽ سموري ٽيم 140 رنس تي آئوٽ ٿي وئي، سڌرشن 14، ڪلديپ ياديو 5، ڌرو جريل 2. رشڀ پنت 13، جڊيجا 54، سندر 16، ريڊي 0، سراج بنا رنس جي آئوٽ ٿيو. ڀارتي تيم 63.5 اوورن ۾ آئوٽ ٿي. سئمن هارمر 6، مهراج 2، جانسن ۽ متوسامي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جانسن ميچ ۽ هارمر سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنا ويا. ڏکڻ آفريڪا ٻي ٽيسٽ ميچ 408 رنس جي مارجن سان کٽي، ٻن ميچن تي سيريز ۾ ميزبانن کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ سال 2000 ۾ ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي ڪلين سوئيپ ڪيو هو ۽ 25 سالن بعد ٻيهر ٻنهي ميچن ۾ ڀارت کي شڪست ڏني آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 30 نومبر کان شروع ٿيندي. هوم گرائونڊ تي هڪ ٻي وائيٽ واش شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان کان هيٺ ٿي وئي. ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل موجب آسٽريليا پهرئين، ڏکڻ آفريڪا ٻئي ۽ سريلنڪا ٽئين نمبر تي موجود آهي. ڏکڻ آفريڪا هٿان ڀارت جي شڪست کانپوءِ پاڪستان چوٿين، جڏهن ته ڀارت پنجين نمبر تي هليو ويو آهي.