| ڏکڻ آفريڪا ۾ 4 پاڪستاني ٽارگيٽ بڻائي قتل |
جوهانسبرگ (م ڊ) ڏکڻ آفريڪا جي سيبينزا علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 پاڪستاني مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته چار ئي ڄڻا گهر واپس وڃي رهيا هئا ته سگنل تي ڪار سوار هٿياربندن ٻنهي پاسن کان سندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چئني ڄڻن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پسٽل جا ڪيترائي خول هٿ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رهيو آهي، حملي آورن جي ڳولا ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي پنجاب جي وزيراعليٰ ڏکڻ آفريڪا ۾ 4 پاڪستانين جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.