ڏکڻ آفريڪي بيٽرز جي هڪ نه هلي، آخري ون ڊي ۾ وڏي شڪست، سيريز پاڪستان جي نانءُ

ڏکڻ آفريڪي بيٽرز جي هڪ نه هلي، آخري ون ڊي ۾ وڏي شڪست، سيريز پاڪستان جي نانءُ

فيصل آباد(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٽين ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ٻن ميچن تان کٽي ورتي. فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فيصلائتي ميچ ۾ مهمان ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي ۽ پوري ٽيم 37هين اوور ۾ 143 رنز تي ڍير ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا پاران ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 53 رنز ٺاهيون، ڊي پيريٽوريس 39 رنز  ٺاهيون، ميٿيو برٽز ۽ پيٽر 16_16 رنز ٺاهي سهيا. پاڪستاني بالر ابرار احمد 4، ڪپتان شاهين آفريدي، سلمان آغا ۽ محمد نواز ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. پاڪستان ’144 رنز جو آسان ٽارگيٽ 26هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. پاڪستان پاران صائم ايوب 77، بابر اعم 27 رنز اسڪور ڪيا، محمد رضوان 32 ۽ سلمان آغا 5 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.  سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان مهمان ٽيم کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏني، ٻي ميچ ۾ آفريڪا گرين شرٽس کي 8 وڪيٽن تان هارايو هو.
 هڪ ٻيو رڪارڊ : بابر اعظم جون انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 15هزار رنز مڪمل ٿي ويون
 فيصل آباد(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني بيٽر بابر اعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 15 هزار رنز مڪمل ڪري ورتيون آهن. ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ون ڊي ميچ ۾ بابر 15 هزار انٽرنيشنل رنز مڪمل ڪيون.بابر اعظم ڪل 370 انٽرنيشنل اننگز ۾ 15 هزار رنز مڪمل ڪيون. بابر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 15 هزار رنز ٺاهيندڙ پنجون پاڪستاني ڪرڪيٽر آهي. ان کان اڳ انضمام الحق ڪيرئير ۾ 20 هزار 541، يونس خان  17 هزار 790، محمد يوسف 17 هزار 134 ۽ جاويد ميانداد 16 هزار 213 رنز اسڪور ڪيون. بابر اعظم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 هزار 366، ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ 4 هزار 302 ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 6 هزار 330 رنز ٺاهي چڪو آهي. بابر اعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾31 سينچريون ۽ 104 ففٽيون ٺاهي چڪو آهي.