ڏکڻ جي فلمساز مون کي غلط ڇهيو هو: ڊيزي شاهه

ڏکڻ جي فلمساز مون کي غلط ڇهيو هو: ڊيزي شاهه

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره ڊيزي شاهه پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش آيل هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعي جو انڪشاف ڪيو آهي. ڊيزي انٽرويو ۾ چيو ته ڪريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ آڊيشن جي موقعي تي اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته ڪاسٽنگ جي موقعي تي ڏکڻ جي فلمساز سان ملڻ وئي هيس، جنهن  مون کي غلط طريقي سان ڇُهيو هو، ڊيزي موجب  انهي تجربي مون کي ذهني طور پريشان ڪيو ۽ فلمي صنعت ۾ نون ايندڙ فنڪارن کي پيش چيلنجن جو احساس ڏياريو. ڊيزي شاهه چيو ته انهي واقعي کانپوءِ مون اتان نڪرڻ ۾ ڀلائي سمجهي ۽ پنهنجي وقار تي سمجهوتو ڪرڻ بنا ڪم ڇڏڻ کي ترجيح ڏني. هن اڀرندڙ فنڪارن، خاص طور ڇوڪرين کي مشورو ڏنو ته اهي احتياط ڪن، سدائين ڪنهن اعتماد جوڳي ساٿي کي گڏ رکن ۽ پنهنجي تحفظ کي ترجيح ڏين.