ڏکڻ ڪوريا فٽبال ايسوسيئيشن فيفا کان معافي وٺي ڇڏي

ڏکڻ ڪوريا فٽبال ايسوسيئيشن فيفا کان معافي وٺي ڇڏي

سيئول (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ ڪوريا جي فٽبال ايسوسيئيشن هڪ ڊگهي عرصي کان هلندڙ اسڪينڊل لاءِ معافي ورتي آهي. هڪ بين الاقوامي نيوز ايجنسي مطابق ڏکڻ ڪوريا جي فٽبال ايسوسيئيشن هڪ ميڊيا رپورٽ کانپوءِ معافي ورتي آهي جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته هڪ ڏهاڪو وڌيڪ اڳ ڪوريا جي دوري دوران پرڏيهي ريفريز کي نامناسب تفريح ۽ جنسي سهولتون فراهم ڪيون ويون هيون. ڏکڻ ڪوريا جي فٽبال ايسوسيئيشن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته هاڻي اهڙي ڪا به مشق يا ڪارپوريٽ ڪارڊ جو استعمال نه ٿي رهيو آهي. ساڳئي وقت ايسوسيئيشن اڳوڻي قومي ڪوچ هانگ ميونگ-بو جي مقرري جي جاچ به ڪري رهي آهي. پوليس خميس ڏينهن ڏکڻ ڪوريا فٽبال ايسوسيئيشن جي آفيس تي ڇاپو هنيو جنهن ڪري ڪوچ جي مقرري سخت تنقيد هيٺ آهي.