لنڊن ( نيوز ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪيترائي نوجوان اهڙا به آهن جيڪي پاڻ کي معاشري کان ڌار رکڻ لاءِ ڪيترن ئي ورهين اڪيلائپ واري زندگي گذاري رهيا آهن
2019 ع ۾ پهريون ڀيرو نوجوان يو سيونگ گيو ٻاهر نڪتو هو ، يو سيونگ گيو پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي ڪمري کي صاف ڪري ان کانپوءِ مڇي مارڻ جي مهم تي نڪري پيو
يوسيونگ جو چوڻ هو ته سمنڊ ۾ زندگي گهارڻ عجيب احساس هجڻ سان گڏ منهنجي لاءِ تازگي جو ڪارڻ به هو گهڻو مزو به پئي آيو پر معاشرتي بي حسي وري اڪيلو رهڻ تي مجبور ڪيو
هن ٻڌايو ته جن نوجوانن پاڻ کي معاشري کان پري ڪري ڇڏيو آهي انهن کي ڏاڍيون ڏکيائيون به پيش اچي رهيون آهن، هنن جو چوڻ آهي ته سماجي روين مان بيزاري سبب اڪيلا رهون ٿا
نوجوان يو سيونگ چيو ته اڪيلائپ واري زندگي گهارڻ مان مون سميت ڪيترائي نوجوان مڪملنموني پاڻ کي بهتر سمجهن ٿا