ڏکڻ ڪوريا ۾ مارشل لا جي ڪوشش پارليامينٽ ۽ عوام ناڪام بڻائي ڇڏي، احتجاج، قرارداد بعد صدارتي حڪم واپس

ڊسمبر 4, 2024

سيئول (م ڊ) مخالف ڌر تي رياست مخالف سرگرمين جي الزامن کانپوءِ صدر ڏکڻ ڪوريا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، قانون سازن فوري طور تي مارشل لا خلاف قرارداد آڻي مارشل لا کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. عالمي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول ٽيليويزن تي خطاب ۾ اعلان ڪندي مارشل لا هڻندي مخالف ڌر تي الزام لڳايو هو ته اتر ڪوريا سان رياست مخالف سرگرمين ۾ مليل آهن. انهن عنصرن کي ختم ڪرڻ لاءِ آئون هنگامي مارشل لا جو اعلان ڪريان ٿو. هاڻي اسين آزاد ۽ جمهوري ملڪ جي نئين سر تعمير ڪنداسين. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون وٽ آزاد ۽ آئيني نظام جي تحفظ لاءِ ان قدم جو سهارو وٺڻ کان علاوه ٻيو ڪو به سهارو نه هو. مخالف ڌر جي پارٽين پارلياماني نظام کي يرغمال بڻائي رکيو ته جيئن ملڪ کي بحران ۾ آڻجي. صدر جي اعلان کانپوءِ ڏکڻ  ڪوريا جي پارليامينٽ ۾ مارشل لا جي خلاف ٺهراءَ منظور ڪيو ويو،   پارليامينٽ ۾ ووٽنگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا ۾ مارشل لا ڪالعدم ٿي وئي. قرارداد جي حق ۾ پارليامينٽ ۾ موجود 190 ميمبرن ووٽ ڏنو. قانونسازن طرفان مارشل لا خلاف قانون سازي بعد مارشل لا جا دستا پارليامينٽ مان واپس هليا ويا. ان کان اڳ ايمرجنسي خلاف عوام شديد مزاحمت ڪندي روڊن رستن تي اچي ويو ۽ گاڏين جي هيٺان ليٽي پيو. ماڻهو فورسز جي گاڏي هيٺان اچي ليٽي پيا.  پارليامينٽ جو اجلاس شروع ٿيندي فوج جا خاص دستا به ايوان خالي ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ داخل ٿي ويا. پوليس پارليامينٽ طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا، ان دوران جهڙپون ٿي پيون. صدر جي پنهنجي پارٽي به بغاوت ڪندي قرارداد جي حمايت ڪئي. قرارداد منظور ٿيڻ بعد صدر اعلان ڪيو ته هو  مارشل لا جو اعلان پارليامينٽ مان قرارداد پاس ٿيڻ بعد واپس وٺي ڇڏيندو جنهن بعد قومي جو اجلاس وري گهرايو ويو جنهن ۾ مارشل لا خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. صدر جي اعلان بعد ملڪ ۾ مخالف ڌر جو جشن شروع ٿي ويو آهي.

Leave A Comment