| ڦاهي نه ڏيو: ٽرمپ اڻ تصديق ٿيل 8 عورتن بابت خبر شيئر ڪري ڇڏي |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر تصديق نه ٿيڻ باوجود 8 عورتن جي ايران ۾ قيد هجڻ ۽ ڦاهي جي سزا ملڻ جي دعويٰ ڪندي انهن جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسرائيلي حامي سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ايال يعقوبي 8 عورتن جون تصويرون رکي دعويٰ ڪئي ته ايران جي حڪومت هنن عورتن کي ڦاهي ڏيڻ چاهي ٿي. ان ٽوئيٽ کي ريٽوئيٽ ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته ايراني اڳواڻن لاءِ، جيڪي جلد ئي منهنجي نمائندن سان ڳالهين ۾ هوندا. مان هنن عورتن جي آزادي جي تمام گهڻي تعريف ڪندس. مون کي پڪ آهي ته اهي ان حقيقت جو احترام ڪندا مهرباني ڪري انهن کي ڪو به نقصان نه پهچايو! اها اسان جي ڳالهين جي هڪ بهترين شروعات هوندي!!! هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ مهرباني. ٻئي طرف رڳو هڪ عورت جي ايران ۾ هجڻ تي تصديق ٿي آهي باقي عورتون ڪٿي آهن اها ڪا به خبر نه آهي.