”ڦاهي گهاٽَ تي اٽڪيل ڳالھه“ تي هڪ نظر … سجاد مهر

                 جمن احمداڻيءَ جو ڪتاب ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ جي عنوان سان تخليقي ڪتاب کي ماڊرن ڪهاڻين جو مجموعو ڪوٺجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هن ۾ سٽ سٽ جدت جو شاهڪار ٿي لڳي. سموريون ڪهاڻيون ڄڻ ته اينڊرائيڊ آهن.جمن جي ڪهاڻين جا موضوع سماج جا عڪس آهن.مختصر ڪهاڻي جي مزاج کي جمن واھ جو پرکيو آهي. توڙي جو جمن احمداڻيءَ جو هي ٽيون ڪهاڻين جو مجموعو آهي پر هن مجموعي ۾ هن جنهن انداز ۾ حالتن جي فوٽو گرافي ڪئي آهي تنهن تي ڇا لکي ڇا لکجي.

                 منهنجي خيال ۾ جمن احمداڻيءَ جون هي ڪهاڻيون  مختصر حالتن ۾ پنج ڏينهن جي ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ کي بدلائي ون ڊي ڪرڪيٽ ڪرڻ کان به اڳتي سچ ته ٽي ٽُونٽي تي اچي بيهاريو آهي ڪي ڪهاڻيون هڪ صفحي ته ڪي وڌ ۾ وڌ ٻن اڍائي صفحن کان اڳتي چرڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن. اهوئي سبب آهي جو پڙهندڙ جي چيچ پڪڙي هر ڪهاڻي پنهنجي پلاٽ ڏانهن ڇڪي ٿي وٺي ۽ پڙهندڙ هروڀرو جي طوالت ۾ ڦاسڻ کان بچي ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس کي وڃي پڄي ٿو!

                 ڪتاب تي لکيل ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جو مهاڳ ايترو ته جاندار آهي جو سچ پڇو 12 پيجن ۾ سمورو ڪتاب ويڙهي رکيو اٿائين. سندس ٻولي ۽ لفظن جي گرفت هنن سٽن مان محسوس ڪري سگهو ٿا.پروفيسر صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ ڪهاڻين متعلق لکي ٿو ته: ”دور بدليو، ادب جو ميدان  وسيع ٿي ويو، جنهن جو ڪو سِرو ناهي. هاڻي ادب ماورايت، هائيپر ريئلٽي، تجريد کان وٺي ميٽا فڪشن پاسٽج، پيرانويا، ميڪسيملزم، منيملزم، ارني، فريگمينٽيشن هائپر ريئلٽي جون فني ٽيڪنڪ آهن.“ادب جيڪڏهن ماڻهوءَ کي باذوق نه ٿو بڻائي يا ادب ماڻهوءَ کي باشعور نه ٿو ڪري ته پوءِ اهو ادب ئي ناهي.ادب جو حسناڪيون دل لڀائيندڙ ۽ حيات بخش هئڻ گهرجن!ڪهاڻيءَ جو دور ختم ٿي ويو، ڪهاڻي هاڻي انفارميشن گيم ٿي وئي آهي!

ترقي پسند دور ختم ٿيو ته جديد ڪهاڻيءَ جو دور ختم ٿيو، بلڪل ائين جيئن سنڌي ادبي سنگت ختم ٿي وئي.دنيا ڪمرشل بڻجي وئي ته بيانيا ٽٽي ويا.مرڪزيت ختم ٿي وئي، اديبُ بوکلائجي ويو.وٽس محبوبَ جي ذلفن کانسواءِ ڪجھ به نه رهيو.ان کان پوءِ سنڌ جي انقلابي ماحول ۾ اسٽيڊي گروپ ختم ٿي ويا.پارٽيون جيڪي ڪارڪنن جي تربيت ڪنديون هيون ختم ٿي ويون، ڪتاب پڙهڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ جو رواج ختم ٿي ويو.ان کان پوءِ حقيقت جي بجاءِ هائپر ريئلٽي فن جي بجاءِ گليمر، فطرتي جماليات جي بجاءِ جنسي هٻڇ، هن دور جو ڪمرشل بنياد بڻي. جمن جي ڪهاڻين جا موضوع موجودہ دور جا موضوع آهن.موبائيل فون انٽرنيٽ، اڻ ڇهندڙ معيشيت جي دور جا اهي موضوع جن ۾ ماڻهو ناهي باقي سڀ ڪجھ آهي. دنيا بدلجي چڪي  اڳ پڙهائيءَ جو دور هو، ڊگري حاصل ڪرڻ جو هو، پر اڄ علم جو دور ناهي ٽيڪنالاجي جو دور آهي.اڄ ڊگري جي ضرورت ناهي، صرف هنر جي ضرورت آهي.بقول نِٽشي جي ته بلائن سان وڙهڻ ۾ خطرو اهو آهي ته ماڻهو پاڻ بلا ٿي سگهي ٿو! سارتر نو ايگزٽ ڊرامو لکي ماڻهوءَ کي سمجهايو ته جيڪي ڪجھ آهي اهو اهو آهي.انهيءَ ڪري وقت مڪان ۽ ماڻهن کي توهان نه ٿا بدلائي سگهو، هتي ڊجيٽل دنيا ۾ انسان گم ٿي ويل آهي.هو صرف خوابن ۾ جيئي ٿو.حقيقت ختم ٿي ويل آهي.بلڪه حقيقت ۾ ڪير جيئڻ به نه ٿو چاهي!مان جڏهن سندس ڪتاب پڙهي پورو ڪيم ته جمن سان ڪال ملائي کيس ڪتاب جي ڇپجڻ ۽ نواڻ واري نرالي انداز کي پسند ڪرڻ جي نويد ڏنم ڏاڍو خوش ٿيو.حقيقت ۾ ڪنهن سچيت قلمڪار جي سڀ کان وڏي ڪاميابي به ته اهائي آهي جو پڙهندڙ هن کي پڙهي ۽ فيڊ بيڪ ڏي.سو مون کيس همٿايو ۽ هن جي پورهئي تي جيڪي پنج منٽ ڳالهايو هو مرڪندو ۽ ٻڌندو رهيو.مون پڙهڻ جو حق ادا ڪيو ۽ هن کي پڙهي سندس آيل سهڻي ڪتاب جون واڌايون  ڏيندي سرهائي محسوس ڪيم.سچي ڳالھ ته اها اٿوَ  ته اڄ جا اڪثر اديبَ سرڪاري بڻجي ويا آهن.انهن کي اعزازن ۽ ايوارڊن جي ڳڻتي نھوڙي ڇڏيو آهي!ڇا ڪجي ڪاڏي وڃجي! ايوارڊن ۽ اعزازن جي دنيا اسان کان ادب کسي ورتو آهي!

نئين ڪهاڻي ۾ جمن احمداڻيءَ جو به حصو آهي هن پنهنجي پگهر جو پورهيو ڪيو آهي ۽ پڙهندڙ تي هروڀرو به مٿان اچي ڪريو ناهي! آخري ڪهاڻيءَ جو انت معجزاتي آهي.سافٽ ويئر ۽ ٽيڪنالوجي جي دور ۾ ڪهاڻي سان حالتن جي هيءَ اڻت وقت جي ڏاهن ۽ اڪابرن کي ڊگري کي سگري ۾ اڇلائڻ جهڙو ڪلائيميڪس ڏئي ويو آهي!”موبائيل جي ور چڙهي ويل رشتا“ ۽ ”کيسي مان ڪري پيل نصيحت“ ڪهاڻي به شاهڪار قسم جا اسم آهن! صفائي کي نصف ايمان سڏيندڙ پوشيدي همراھ جو آءِ فون جڏهن ڊبليو سي ۾ ٿو وڃي ڪري ته پوءِ نصف ايمان گندگيءَ ۾ ڪيئن ٿو وڃي ڪري ڪمال سان لکيو اٿائين!

ڪهاڻي ”لاش جي سڃاڻپ“ ۾ به جمن ڪمال جو فني استعارو استعمال ڪيو اٿائين! جنهن چچريل لاش کي ڪا مشين سڃاڻي نه ٿي سگهي انڌي ماءُ ان لاش جي اکين جا ڇپر ڇهي سڃاڻي ٿي.هي ڪهاڻي ماءُ جي اکين سان پڙهي ڏسڻ جهڙي آهي!

”احساسن کان خالي ماڻهو“ ڪهاڻي ملڪيت جون هڏيون ڪرٽڻ جي آواز تي پريان ويٺل ڪُتي اُٿي ڪن کڙا ڪيا ۽ ڪجھ محسوس ڪري ٻاهر نڪري ويو. ڪتي کي اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته مئل انسان جو گوشت ۽ هڏيون رڳو احساس کان خالي ماڻهو ئي کائي سگهن ٿا!

”ماڊرن دهشتگرد“ ڪهاڻيءَ ۾ جمن هن دور جي ڊجيٽل دهشتگردن جي منهن تان پنو لاٿو آهي جيڪي عورتن جي اگهاڙپ اپ لوڊ ڪري انهن کي بليڪ ميل ڪن ٿا. ٿاڻي تي پڪڙجڻ کان پوءِ انهن جي وزيرن جون فونون ايف آئي آر ڪٽجڻ کان اڳ ۾ ٿاڻي ۾ ٿرٿلو وجهن ٿيون.

ڪهاڻي ”چوٽيهون در 2 نسيم کرل جي ان ڪهاڻي جي عنوان جهڙي ته آهي پر هن جو تاڃو پيٽو پنهنجي اڻت ۾ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ميرٽ جو جنازو کڻڻ تي خوب لکيو اٿائين. ڪهاڻيءَ سان پيار ڪندڙ دوست جمن احمداڻيءَ جي هن ادبي پورهئي کي هڪ ڀيرو پنهنجي اک مان ضرور ڪڍن!