ڦاٽل ٽوپي ڇو پهري؟ مدرسي ۾ استاد جو شاگرد تي تشدد

ڦاٽل ٽوپي ڇو پهري؟ مدرسي ۾ استاد جو شاگرد تي تشدد

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ ڦاٽل ٽوپي پائڻ تي مدرسي جي استاد جو شاگرد تي مبينا تشدد، ڪيس داخل ٿيڻ بعد استاد گرفتار ٿي ويو، راولپنڊي پوليس شاگرد تي تشدد الزام هيٺ مدرسي جي استاد کي گرفتار ڪري ورتو،  پوليس موجب متاثر شاگرد جي والد مدرسي جي استاد جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو. مدعي طرفان داخل ڪيل ڪيس موجب استاد ڦاٽل ٽوپي پائڻ تي شاگرد کي پلاسٽ جي پائپ سان تشدد ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس استاد کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب شاگرد جو طبي معائنو ڪيو ويو آهي، شاگرد تي تشدد ۽ انهي کي حبس بيجا ۾ رکڻ تي جاچ ٿي رهي آهي. ٻارن تي تشدد ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.