ڦر مزاحمت تي مارجي ويل جو لاش رکي ڌرڻو
جُون 25, 2025
لاڙڪاڻو (پنهنجي ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربند هٿان مارجي ويل 20 ورهين جي نوجوان مزمل ڪلهوڙو جي وارثن لاش شيخ زيد موڙ روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو.
ڌرڻي سبب ٽرئفڪ جام، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، وارثن موجب گذريل رات دير سان هٿياربند ڦورن مزمل ڪلهوڙو کان موٽرسائيڪل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا
واقعي کي 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، شهر ۾ وڌندڙ بدامني سبب شهري گهرن ۾ ۽ واپاري ڪاروبار واري هنڌن تي غيرمحفوظ بڻيل آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته پوليس مزمل ڪلهوڙو جي قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري، جنهن ڪري اسين لاش روڊ جي وچ ۾ رکي احتجاج ڪري رهيا آهيون، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو