| ڦلجي ويجهو شادي ۾ چرچن تان ڄاڃي چڙي پيا، جهيڙو، 13 رتورت |
ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ قاضي علي حيدر ميڻو ۾ شادي تقريب ۾ چرچن ڪرڻ تان ميڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي سمورن زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال دادو پهچايو، زخمين ۾ غلام شبير ميڻو ،اعجاز علي ميڻو، مشتاق ميڻو ، علي اڪبر ميڻو ، عبدالجبار ميڻو ،عبدالستار ميڻو ، عبدالقدير ميڻو ،عبدالحق ميڻو ، عبدالرعوف ميڻو ، عامر خان ميڻو شامل آهن رابطي تي پوليس عملدار ٻڌايو ته ڌريون شادي تقريب ۾ چرچن ڪرڻ تان چڙي وڙهي پيا ۽ لٺيون سروٽا لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا جهيڙي جي اطلاع تي پهچي سمورن زخمين کي علاج لاء دادو اسپتال پهچايو آهي ،ٻنهي ڌرين جي اين سي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي ڌرين طرفان ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ڪرايو ويو.