ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان موندر ٿاڻي جي حد ۾نظام الدين شاھاڻي ۽ قمرالدين شاھاڻي جي ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل
جهيڙي دوران 6 زخمين سميت نوجوان اختر شاھاڻي جون مڇون ۽ ڀرون ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻائي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري معامري جو نبيرو ٿيو.گالهيون ٻڌڻ بعد نظام شاھاڻي ڌر کي ڏوهي قرار ڏئي مٿس 20 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو
قرآن پاڪ تي ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. ،ان موقعي تي فيصلو ڪندڙ شاھنواز چانڊيو، محمد عمر شاھاڻي، رٽائر ڊي ايس پي محمد عيسيٰ، محمد عرس، گل محمد پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته
ڏھ ڏينهن اڳ بجلي جي تار گذارڻ تان نظام الدين شاھاڻي ۽ قمرالدين شاھاڻي جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو.نظام شاهاڻي جي ڌر اختر شاھاڻي جون مڇون، ڀرون، ڪوڙي تذليل ڪري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو هو
هنن چيو ته قمرالدين ڌر وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي وياسين، جن مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضپو ڏيکاريو هو.شاھنواز چانڊيو جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو. نظام جي ڌر کي ڏوهي قرار ڏنو ويو.نوجوان جي تذليل جا پنج لک، جڏهن ته زخمين جا پندرنهن لک ٽوٽل ويهه لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،
ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي ، جنهن کان پوءِ قرآن پاڪ تي ٻنھي ڌرين هٿ رکي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون