ڦل موسم دا، گل ويلي دي“
نومبر 27, 2023
”آخر نواز شريف وٽ اهڙي ڪهڙي گدڙ سنگهي آهي؟ جو اسٽيبلشمينٽ هن مٿان ايتري مهربان ٿي پئي آهي!!“اهو سوال صرف انهن صحافين ۽ اينڪرز جي ذهن ۽ زبان جي زينت نه ٿو بڻجي، جن کي هن وقت به اڊيالا جيل جي قيديءَ سان قربت رکن ٿا پر اهي سياسي مبصر جن کي پي ٽي آءِ پهرين ڏينهن کان پسند ناهي ۽ نه وري انهن کي نواز شريف جي سياست ۽ شخصيت ۾ هن مهل تائين ڪنهن به قسم جي ڪشش محسوس ٿي آهي. نواز شريف کي ننڍڙي ذهن جو سياستدان سمجهڻ وارا ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن ته ميان مٿان ملڪي اسٽيبلشمينٽ ايتري اڪن ڇڪن ڇو ٿي پئي آهي؟ مٿين سوال جو سولو جواب ان سوال ۾ سمايل آهي ته “هن وقت اسٽيبلشمينٽ وٽ ٻين چوائس ڪهڙي آهي؟”
اها حقيقت آهي ته اسٽيبلشمينٽ تحريڪ انصاف کي هڪ تلخ تجربو سمجهي ٿي. عمران خان کي ڪرڪيٽ جي ميدان مان اقتدار جي “تاجن تختن واري راند” جو کلاڙي بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ان قوت جو چيو پيو وڃي، جنهن مٿان هن مهل اها تنقيد به ٿي آهي ته تحريڪ انصاف هن جي پنهنجي هٿ جو وڍ آهي. هن وقت اهو سياسي اڳواڻ پنهنجن موجدن ۽ مينيجرن لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي، جيڪو هڪ عام سياسي ڪردار مان اڀري ملڪ جي چڱي ڀلي انگ لاءِ هڪ قسم جو “ڪلٽ” بڻجي ويو آهي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن هن جو نالو کڻڻ بدران هن لاءِ عقيدت ۽ محبت ۾ “مرشد” جو لفظ استعمال ڪيو ويندو هو. پنهنجي شخصيت ۾ اهڙي ڪشش ۽ جاذبيت پيدا ڪرڻ لاءِ هن آڱرين ۾ منڊين ۽ هٿ ۾ تسبيح سان گڏ پنهنجي روحاني سفر ۾ ان خاتون کي به کنيو، جنهن مٿان سندس سابق خاوند خاور مانيڪا هن وقت مجبور بڻجي ڪيس ڪري رهيو آهي. عمران خان جهڙي طرح عوام مان عجيب طرح سان طاقت حاصل ڪري رهيو هو ۽ هن جي پارٽيءَ ۾ جهڙي ريت ظلي شاه جهڙا ديوانا ۽ پروانا پيدا ٿي رهيا هئا، ان مان اسٽيبلشمينٽ کي ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ يا ٿي سگهندڙ انديشن جي بوءِ به اچ۾ لڳي هئي. جڏهن ته هن ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هن مهل ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندڙ وٿي پيدا ٿي پئي، جڏهن هو ملڪ جي حساس قوت اندر نه صرف مداخلت ڪرڻ لڳو پر هن اهو به پنهنجو استحقاق سمجهيو ته هو پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن کي ڪٿي ۽ ڪيتري وقت لاءِ مقرر ڪري سگهي ٿو
ملڪ جي مخصوص ميڊيا هن کي هٽلر جو نئون جنم ثابت ڪرڻ لاءِ پروفيشنلزم کي گهڻو پوئتي به ڇڏي وئي هئي. اهي وڊيوز هن وقت به يوٽيوب تي موجود آهن، جن ۾ هڪ طرف هٽلر جون عادتون ۽ انداز بيان ڪيا ويندا هئا ۽ ٻين طرف هو ان شخص جا شوق ۽ ذوق پيش ڪرڻ لڳندا هئا، جنهن سان انهن جو اڄ به ٺاهه ناهي. ڇا اهو مفادن جو ٽڪراءُ هو؟ يا هڪ حلقو سنجيدگيءَ سان سوچي رهيو هو ته “هو ايبسوليوٽ (Absolute) پاور جي طرف وڌي رهيو آهي”. هڪ اهڙو پاور جنهن کان پوءِ هڪ حڪمران پنهنجي طاقت کي توازن ۾ رکي نه سگهندو آهي. ان قسم جا خدشا ميڊيا جي انهن مهندارن صرف اسڪرين تي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي چيف آڏو به ان طرح سان چيا، جنهن طرح سان بقول حامد مير ته ”مان توهان کي صاف لفظن ۾ ٻڌايان ٿو ته توهان پڇتائيندا“ ملڪي فوج جي جنهن اڳواڻ آڏو مبينا طور تي اهي لفظ چيا ويا، ان سڌي طرح سان نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان سڌي طرح سان پنهنجي پڇتاءَ جو اظهار به ڪيو. پر پڇتاءُ ايتري گهڻي نقصان جوازالو ڪري نه ٿو سگهي
پاڪستان جي حوالي سان هن مهل نه صرف سمنڊ جي هُن پار پر هِن پار به اهي بحث عام جام ٿي رهيا آهن ته هڪ محدود آزاديءَ آڇڻ واري ملڪ ۾ سياست ته ڇا پر صحافت کي به مڪمل آزادي ڏيڻ جو مطلب “آوارگي” ورتو وڃي ٿو ۽ ان قسم جا لقب القاب هر دور جي حصي ۾ آيا آهن. اهو عمران خان جيڪو هڪ سئو ڏينهن اڳ ۾ ميڊيا مٿان طنزيا مسڪراهٽ سان وار ڪندي چوندي هو ته اوهان کي ته منهنجو نالو کڻڻ جي به موڪل نه ٿي ملي، سو پاڻ جڏهن پيمرا کي ميڊيا مٿان ڪڙڪائيندو هو، تڏهن هن کي ميڊيا جي آزادي مغرور آوارگي محسوس ٿيندي هئي. جڏهن لکڻ ۽ چوڻ جي مٿان ايترا پهرا ۽ ايتريون پابنديون هجن ته پوءِ ڪرڻ مٿان ڪيترا بار پوندا؟ صحافت اظهار جو آرٽ آهي ۽ سياست عمل جو ميدان! ان عمل جو ميدان جيڪو پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ايترو ڪشادو ٿي نه ٿو سگهي. جنهن ملڪ ۾ ترقي نه ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به هجي ته ان ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي قبول ڪرڻ مشڪل هجي ته اهو ملڪ هڪ تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول حڪمران يا سياستدان ڪهڙي طرح افورڊ ڪري سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي ته دختر مشرق کان وٺي پاڪستان جي پٽ تائين هر ڪنهن کي قبول پوڻ جي لاءِ عوامي حمايت ۾ ڪمي آڻڻ جي شرط قبول ڪرڻي پئي. ڇا اها حقيقت ناهي ته جنهن جنهن ملڪ ۾ فوجي مداخلت جو رواج رهيو آهي، ان ملڪ ۾عوامي سياست جو بي قابو اڀار اسٽيبلشمينٽ جون اکيون ناپسنديدگيءَ سان ڏسنديون آهن. ڪالهه اٽڪ ۽ اڄ اڊيالا جيل جي قيديءَ جي وڌندڙ شهرت هن جي پنهنجي حساب سان ڀلي هڪ خوبي هجي پر ان کي ملڪي اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي مخصوص حالتن جي حوالي سان هڪ خامي سمجهندي رهي آهي
ممڪن آهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ ميان نواز شريف جو بيانيو وري پنهنجي پراڻي رنگ ترنگ تي موٽي اچي ۽ هن جي تازين سرگرمين ۾ اهڙي تاثر کي محسوس به ڪري سگهجي ٿو پر جهڙي طرح هو هن مهل ڪروڙن ماڻهن جي پاران چونڊيل وزير اعظم کي جيل حوالي ڪندڙ ججن مٿان ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي “توهين عدالت” واري قانون کي به ڪٿ ۾ نه ٿو آڻي، تهڙي طرح هن جي تنقيد جو اڳيون حدف اهو حساس ادارو به ٿي سگهي ٿو، جنهن مٿان هن کي هن مهل تائين افسوس کان وڌيڪ ڪاوڙ آهي. ممڪن آهي ته هو پنهنجي ڪريل سياسي ساک کي اٿارڻ جي لاءِ “ووٽ کي عزت ڏيو” وارو نعرو ٻيهر هڻي پر ڇا هن کي اهو معلوم ناهي ته هر ڪرڻ واري ڪم جيان هر چوڻ واري ڳالهه جو به هڪ مخصوص وقت هوندو آهي. هو ته پنجابي آهي. هو نه صرف پنهنجي گهر ۾ پر پارٽيءَ جي اهم ترين ميٽنگ ۾ به اها ٻولي ڳالهائيندو آهي، جنهن جو هڪ مشهور پهاڪو آهي “ڦل موسم دا، گل ويلي دي”
ميان نواز شريف دنيا جي انهن اڪثريتي سياستدانن مان هڪ آهي، جن ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ جي قوت نه هوندي آهي. انهن ۾ ايتري جرئت نه هوندي آهي جو هو اهڙو اعتراف ڪري سگهن، جيڪو تاريخ ۾تنبور جي تار وانگر وڄندو رهي. هن وقت ميان نواز شريف پنهنجي مخصوص ميڊيا جي حلقي معرفت اهو خيال عام ڪري رهيو آهي ته عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي غلطين جو ازالو ڪري رهي آهي. عدليا جي سلسلي ۾ ته مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگ زيب باضابطا بيان به ڏنو آهي. جڏهن ته مريم نواز ۽ هن جو والد پنهنجي انداز سان عوام کي اهو پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته هو ڪنهن ڊيل يا اين آر او جي معرفت سياسي ميدان ۾ نه موٽيا آهن پر انهن جو وجود ملڪ جي مجبوري آهي. ان حوالي سان ميان نواز شريف ضروري آهي
ميان نواز شريف ڪيترو ضروري آهي ۽ ڪيترو ناهي؟ ان جو فيصلو ڪير ڪندو؟ ڇا ان جو فيصلو ان عوام کي ڪرڻ جو حق ملندو، جنهن عوام جي حوالي سان ٿيندڙ اڪثر سروي جا نتيجا نواز شريف جي حق ۾ نه ٿا اچن. پر هو پوءِ به چوٿون ڀيرو پنهنجي مٿي تي اقتداري موڙ ٻڌڻ لاءِ نه صرف تيار پر مڪمل طور تي بي قرار آهي. هو اها ڳالهه تسليم نه ڪندو ۽ ڀلي نه ڪري پر حقيقت آهي ته ميان نواز شريف جي موٽ ان صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي جو هڪ طرف 9 مئي سبب ملڪ ۾ سياسي بحران به پيدا ٿيو ۽ هڪ اهڙو خال ۾ وجود ۾ آيو، جنهن کي جهانگير ترين پنهنجي “استحڪام پاڪستان پارٽي” سان ڀري نه ٿو سگهيو ۽ نه وري اها ذميواري ان پارٽيءَ جي حوالي ٿي پئي سگهي، جنهن جو مقدار پنجاب جي اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهي. ملڪ جي واڳ ان قوت جي هٿ ۾ ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي، جنهن جي پاڙ پنجاب ۾ نه هجي. جيڪڏهن عمران خان پٺاڻن کي پنهنجو ديوانو ۽ پروانو ڪرڻ بعد بني گالا مان نڪري پنهنجو لڏو زمان پارڪ لاهور ۾ لاهي ويٺو ته ان جو به ڪو سياسي سبب هو
پنڊي ڀلي پاڪستان جو دماغ هجي پر پنجاب جي دل ته پوءِ به لاهور آهي. اهو لاهور جنهن ۾ سموگ جي صورت اهو دونهون ڀرجي ويو آهي، جنهن ۾ ڪجهه درد ۽ ڪجهه دارون آهي. سرد موسم ۾ ڌنڌلايل شهر جون جهيڻيون نظر ايندڙ روشنيون، ڊپريشن ۾ آيل انسان جي اکين جيان محسوس ٿي رهيون آهن. هڪ وڏي ۽ ملڪ جي ڪرتا ڌرتا صوبي جي دل ۽ دماغ ۾ جيڪا وڇوٽي پيدا ٿي پئي آهي، ڇا ان خال کي ميان نواز شريف ڀري سگهندو؟ اميدون ته ڀنگڙا وجهڻ جي لاءِ تيار بيٺيون آهن پر انديشا قدم کڻڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ هن مهل تائين پوري طرح سان تيار ناهن
ميان نواز شريف جي گذريل گورنمينٽ هن قفس جهڙي گلشن ۾ ڪهڙا گل ٽڙايا، اها ڪا اهڙي مخفي معلومات ناهي، جنهن مٿان روشني وجهڻ جي لاءِ علم ۽ ادب وارن کي تحقيق جي دعوت ڏني وڃي. جڏهن ته هن ڀيري ملڪ جا حال هيڻا ۽ معاشي صورتحال جا سور ٻيڻا نه پر ٽيڻا آهن. پاڪ فوج جو وڏو فوڪس ملڪي معيشت کي راه راست تي آڻڻ بيان ڪيو پيو وڃي. ان صورت ۾ اهو به سوال اهميت وارو هوندو ته ان سلسلي ۾مستقبل جي وزير معاشيات اسحاق ڊار جي ڪيتري ٻڌي ويندي؟ پر ان کان به وڌيڪ هر وڻ وانگر هر ماڻهوءَ جي به هڪ مند هوندي آهي. بلاول جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر ڇا ميان نواز شريف “عمر ۽ صحت” جي هن موڙ تي مسئلن ۾ وڪوڙيل ملڪ کي منزل واري دڳ لائي سگهندو؟ ان سوال ۾ “عمر ۽ صحت” جو حوالو صرف جسماني پر سياسي به آهي
قائد اعظم جنهن وقت ملڪ وجود ۾ آندو هو، ان وقت هن جي عمر ستر سال هئي ۽ هن جي جسماني صحت جهريل هئي. پر مسلم ليگ جو هر قائد جيڻا ڀائيءَ جو پٽ ٿي نه ٿو سگهي