| ڦل واسي گارڊ شادي آسري هرکجي ڪنڌڪوٽ ويندي گم: اغوا شڪ |
ڦل (ن پ ا)ڦل واسي گارڊ شادي آسري ڪنڌڪوٽ ويندي گم: اغوا جو شڪ، ان ڏس ۾ ڦل ڀرسان ڳوٺ مراد پهوڙ واسي دفتر سيال ڪراچي مان 10ڏينهن اڳ اياز ملڪ نالي شخص پاران ڏنل شادي جي دلاسي تي ڪنڌڪوٽ ويندي گم ٿي ويو، سندس ڀائرن آصف سيال، گڏو سيال چيو ته اسان جو ڀاء دفتر سيال ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ هو، هن 10ڏينهن اڳ امڙ کي ٻڌايو هو ته اياز ملڪ نالي شخص منهنجي شادي ٿو ڪرائي، آئون ساڻس گڏ ڪنڌڪوٽ وڃان ٿو، جنهن بعد ٻنهي جا نمبر بند آهن اسان کي شڪ آهي ته ڀاءُ اغوا ٿي ويو آهي، هنن ڀاءُ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو.