ڦٽين اگهه وڌيڪ گهٽجي ويندو: آبادگار بورڊ کي ڳڻتي

ڦٽين اگهه وڌيڪ گهٽجي ويندو: آبادگار بورڊ کي ڳڻتي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ڦٽين جي في مڻ اگهه ۾ اٽڪل 3600 روپين تائين لاٿ ٿي وئي آهي جنهن تي سنڌ آبادگار بورڊ سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ۾ ان ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ان کان علاوه سنڌ آبادگار بورڊ هاڻوڪي مند کي  انبن لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاهه جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، سيد نديم شاھ، محمد ملوڪ نظاماڻي، اسلم مري، عمران بوزدار، يار محمد لغاري،   مصطفيٰ نواز شاهه، امير علي ٿيٻي، مراد علي شاھ بُڪيرائي، حسين شاهه ۽ مختلف ضلعن جي آبادگارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڦٽين جي گهٽجندڙ اگهن، انبن ۾ کرٻوڪ جي مرض ۽ پيداواري خرچن ۾ ٿيندڙ لاڳيتي واڌ تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ مقامي فصل لهڻ سان ڦٽين جي اگهه  ۾وڏي پيماني تي گهٽتائي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ آبادگار  بورڊ  چيو ته ڦٽين جو اگهه گذريل هڪ مهيني ۾ 11500 رپيا في مڻ مان گهٽجي 7900 رپين تائين پهچي ويو آهي. اهو اگهه به اهڙي وقت تي پهتو آهي جڏهن اڃان ڦٽيون مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿيون آهن جنهن ڪري ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن ئي مارڪيٽ ۾ ڦٽين جي اچڻ ۾ واڌ عروج تي پهچندي ته ڦٽين جي اگهه ۾ ويتر گهٽتائي ٿي ويندي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ آبادگارن انبن جي هلندڙ سال 2026 جي مند کي انبن لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏيندي چيو ته هيءَ مند  گذريل ڏيڍ ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿي آهي.  هن مند ۾ پهريون ڀيرو انب وڏي پيماني تي هاپر، ٿرپس ۽ کرٻوڪ سبب متاثر ٿيا آهن. انهن غير معمولي حملن جي ڪري، آبادگارن کي انبن جي باغن ۾ پنجوڻ تي وڌيڪ اسپري ڪرڻو پيو پر ان جي باوجود انبن جو بچاءُ نه ٿي سگهيو جنهن ڪري نه رڳو انبن جي پيداوار ۾ گهڻي گهٽتائي ٿي پر ان سان گڏ مارڪيٽ ۾ انبن جو اگهه پڻ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي ويو، ان جي نتيجي ۾ آبادگارن کي هڪ پاسي پيداواري خرچن ۾ واڌ ۽ ٻي پاسي انبن جي پيداوار  توڙي اگهن ۾ گهٽتائي سبب وڏو مالي نقصان ٿيو آهي.