| کاڌن ۾ مرچن جي مقدار جاچڻ لاءِ هٿرادو زبان تيار |
بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) کاڌن ۾ مرچن جي مقدار جاچڻ لاءِ هٿرادو زبان تيار ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپوررٽ موجب چين ۾ سائنسدانن ٽيڪنالاجي ذريعي انوکي ايجاد ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ايسٽ چائنا يونيورسٽي ۾ سائنسدانن وڏي تحقيق بعد هٿرادو زبان تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ان زبان ذريعي مرچن جو مقدار جاچي سگهجي ٿو. اها زبان ايريلڪ ايسڊ ۽ ڪولين ڪلورائيڊ کي نرم جيل سان ملائي تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو چلي ميٽر رکيو ويو آهي. چلي ميٽر نالي ان هٿرادو زبان ذريعي ڪڙاڻ ۽ تيزابيت کان بچي سگهبو. سائنسدانن موجب هٿرادو زبان فوڊ انڊسٽري جي ضرورتن کي سامهون رکي تيار ڪئي وئي. جنهن سان هاڻي فاسٽ فوڊ ٺاهيندڙن ڪمپنين ۽ هوٽلن ۾ وڏو انقلاب اچي ويندو جڏهن ته چلي ميٽر نالي زبان گهرن ۾ ڪچن جي پڻ زينت بڻجي ويندي.