Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_at58dnfm186f4br1ucch0p4elb, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
کاڌو، وزن ۽ بک ... پون ڪمار منڌاڻ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar کاڌو، وزن ۽ بک ... پون ڪمار منڌاڻ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

کاڌو، وزن ۽ بک … پون ڪمار منڌاڻ

گذريل ڏهاڪن کان ڊاڪٽر ديپڪ چوپڙا ڪافي دريافتون ڪيون آهن، جن سموري دنيا ۾ لکين ماڻهن کي صحتمند ۽ خوشحال زندگي گذارڻ ۾ مدد ڪئي آهي هن جو چوڻ آهي ته گهڻن ماڻهن کي اها خبر ئي ڪونهي ته هو گهڻو ڇوٿا کائين؟ تسڪين جي تلاش ۾ هو روحاني ۽ جذباتي خوراڪ جي جاءِ تي عام کاڌو وڌيڪ کائين ٿا انڪري فائدو نٿو ڏئي، پاڻ کي مخصوص غذا تائين محدود رکڻ (Dieting) اجايو آهي ڇاڪاڻ ته ڪافي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ان جو رد عمل وارو اثر پوئتي موٽ کائي توهان کي وري ٿلهو بڻائيندو. توهان کي ڇاجي بک آهي؟ ڪتاب ۾ هو اسان کي اهي قدم ٻڌائي ٿو ته ڪيئن Dieting واري نموني ۽ غيرصحتمنداڻي طريقن کي روڪجي ته جيئن کائڻ جي صحيح عادت حاصل ڪجي.
*اهڙا کاڌا کائو جيڪي تازا، نامياتي ۽ غذا سان ڀرپور هجن.
*اميد افزا زندگي گذارڻ سان بيمارين کي ظاهر ٿيڻ کان اڳ روڪيو.
*هن اعتماد پئدا ڪندڙ ۽ عملي ڪتاب “توهان کي ڇاجي بک آهي” جو مقصد پڙهندڙن کي پنهنجو وزن ڪنٽرول ۾ رکڻ، جسم کي توازن ۾ رکڻ ۽ روح کي هلڪو رکڻ آهي.
*گهڻو کائڻ دراصل هڪ وڏي مسئلي کي ظاهر ڪري ٿو ته پنهنجي زندگي ۾ سچي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لائق ناهيون.
کاڌو، وزن ۽ بک
جيڪڏهن توهان پنهنجو مثالي وزن حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان جي اڳيان ٻه رستا آهن، توهان ڊائيٽنگ ڪريو يا ٻيو ڪجهه، ڊائيٽنگ ۾ غلط قسم جو اتساهه اچي وڃي ٿو، اهوئي سبب آهي ته اهو اصل مقصد حاصل نٿو ڪري ڊائيٽ وارو هر ڏينهن توهان جو بک سان مقابلو ۽ پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ گذري ٿو جڏهن ڊائيٽنگ ناڪام وڃي ته ڪجهه ٻيو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان جسم جا بک وارا اشارا واپس توازن ۾ آڻيندو ته توهان جي کائڻ واري خواهش دشمن بڻجڻ بجاءِ دوست ٿي پوندي، جيڪڏهن پنهنجي جسم تي ان ڄاڻڻ جو اعتبار ڪندو ته ڇاجي ضرورت اٿس ته واپس وڙهڻ بجاءِ اها توهان جي سنڀال ڪندي هي سڀ ڪجهه ان تي مدار رکي ٿو ته ذهن ۽ جسم کي ملائيندڙ پيغامن کي صحيح ۽ سڌو سمجهو .
بک جو اهوئي تجربو آهي جيڪو توهان گهڻو کائڻ وقت محسوس ڪندا آهيو خواهش ۽ ڪوڙي بک ساڳيون ناهن جيڪي توهان جي جسم کي ضرورت جو کاڌو مهيا ڪن، توهان جو جسم ضرورت کان وڌيڪ کائڻ واري زيادهه پيٽرول کپائيندڙ موٽر ڪار ناهي، اهو هزارن تجربن جو جسماني اظهار هوندو آهي جيڪو دماغ ڏانهن وڃي ٿو ۽ اتان کان اچي ٿو. وزن گهٽائڻ لاءِ ذهن هڪ ڪنجي آهي ۽ جڏهن ذهن کي تسڪين پهچي ٿي ته جسم گهڻي کاڌي کائڻ جي خواهش ڇڏي ڏئي ٿو، دماغ ۽ جسم وارو مثال توهان جي لاءِ ڪم ڪندو ڇوته اهو رڳو هڪڙي شيءَ جي گهر ڪري ٿو پنهنجي(تسڪين) ڳولي لهو، راضي ٿي وڃڻ اهڙي شي آهي، جنهن لاءِ کاڌو اڪيلو ڪجهه نٿو ڪري، توهان کي گهرجي ته
01-جسم کي سٺي کاڌي سان
02-دل کي خوشي همدردي ۽ محبت سان
03-ذهن کي ڄاڻ سان
04-روح کي ذهني استحڪام ۽ پاڻ سڃاڻڻ سان
ڄاڻ جي ذريعي هي سڀ ڳالهيون ممڪن آهن پر جيڪڏهن توهان انهن کي نظرانداز ڪندو ته توهانجي پهچ کان پري ٿينديون وينديون هي ڳالهه ڏسڻ ۾ فضول لڳندي پر حقيقت ۾ صحيح آهي ته وزن گهٽائڻ لاءِ توهان جي ضرورت آهي پيٽ ڀرڻ جيڪڏهن توهان تسڪين جي ڪنهن ٻئي قسمن سان پاڻ کي ڀريو ته کاڌو کائڻ خوشي محسوس ڪرڻ جو قدرتي طريقو آهي زيادهه کائڻ ناهي.
عام رواجي کاڌو- وڌيڪ کائڻ- خواهش- کائڻ جي عادت پوڻ.
عام رواجي طور کائڻ سٺو محسوس ٿيندو آهي وڌيڪ کائڻ ان مهل ته وڻندو پر اڳتي هلي نتيجا خراب ڏيندو خواهش ۽ لالچ (هٻڇ) جو غلام بڻجي کائڻ بلڪل خراب محسوس ٿيندو جلد ئي پڇتاءُ گناهه ۽ ڏک محسوس ٿيندو. گهڻي کاڌي جي عادت تڪليف ڪندڙ صحت ۽ پنهنجي نظر ۾ پاڻ ڪري پوڻ وغيره آڻي ٿي، کاڌو اسان کي قوت بخشي ٿو ۽ جڏهن کاڌو خرابي پيدا ڪري ٿو ته اسان ٿوري وقت واري لذت (مثال : چاڪليٽ، آئسڪريم جو مزيدار چڪ) ۽ گهڻو وقت هلندڙ تڪليف (ڪن سالن تائين ڳوري ٿيڻ جا گهڻا ئي نقصان) تنهنڪري عام رواجي کاڌو وڌيڪ کاڌي ۾ ڇوٿو هليو وڃي؟ ان جو سادو جواب آهي، تسڪين جي گهٽتائي ڪئي ڪنهن جاءِ تي توهان کي کوٽ محسوس ٿي جنهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ توهان گهڻو کائڻ شروع ڪريو ٿا. جسم کي ڪيترو ئي خراب نموني استعمال ڪجي اهو وري توازن حاصل ڪري سگهي ٿو، پهريون قانون اهو آهي ته فطرت جي خلاف نه وڃو قدرتي حالت ۾ دماغ بک جو خود به خود مقابلو ڪندو آهي ۽ ان تي ڪنٽرول ڪري وٺندو آهي جڏهن توهان جو بلڊ پريشر ڪنهن سطح کان گهٽ ٿي وڃي ته دماغ جي هڪ ننڍي حصي جنهن جو قدبت بادام جيترو آهي، جنهن کي هيپوٿيلس چئبو آهي، جيڪو بک کي باقاعدي بڻائڻ لاءِ ذميوار هوندو آهي ان ڏانهن پيغام پهچندا آهن، جڏهن هن کي گهٽ ٿيل بلڊ شگر جا پيغام پهچن ٿا ته توهان جو هيپو ٿيلس هارمونز خارج ڪري ٿو. جيڪي توهان کي بک محسوس ڪرائيندا آهن ۽ جڏهن توهان ڪافي ڪجهه کائي چڪا هوندا آهيو ته هارمونز ابتڙ ڪم ڪري توهان کي محسوس ڪرائيندا ته هاڻي بک نه رهي آهي خون ۽ دماغ جي وچ ۾ اهو پيغام پنهنجو پاڻ هلندو آهي ۽ اهو لکين سالن کان وٺي ٿيندو اچي پيو.
جذباتي احساسات اسان کي ان لائق بڻائي سگهن ٿا ته گهڻو کائون يا کائڻ تي صفا دل ئي نه چوي اسان ايترو ته پريشان ٿي وڃون جو کاڌو ئي وسري وڃي يا سڄو ڏينهن ويٺا کاڌي بابت سوچون .اسين هميشه تسڪين حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيون گهڻيون ئي شيون آهن جيڪي کاڌي جي جڳهه ڀري سگهن ٿيون خواهس ضرورت منجهان پيدا ٿيندي آهي، شروعات سڀ کان وڌيڪ بنيادي ضرورت کان ٿئي ٿي.
*هر هڪ سلامت ۽ محفوظ رهڻ چاهي ٿو
*هر هڪ پرورش گهري ٿو
*هر هڪ چاهيندو ته سندس حياتي غيرمتعلق نه پر پرمعنيٰ هجي
*هر هڪ چاهيندو آهي ته ساڻس پيار ڪيو وڃي
جيڪڏهن توهان جون اهي سڀ خواهشون پوريون آهن ته گهڻين ئي خوشين مان هڪ خوشي آهي پر گهڻائي ماڻهو پنهنجي اصلي ضرورتن جي پورائي لاءِ گهڻو کائڻ ڏانهن وڌندا آهن اها هڪ پورائو ڪرڻ واري راند ٿي وڃي ٿي ۽ گهڻائي ماڻهو اهو به نه ڏسندا آهن ته ڇاٿي رهيو آهي اصل ضرورت ڪهڙي هئي؟ ڇا توهان به پاڻ کي اهڙي صورتحال ۾ ڏسي رهيا آهيو؟ هيٺ ڪجهه عام اشارا لکجن ٿا.
*توهان تيسيتائين محفوظ نه سمجهندا آهيو جيسيتائين گهڻو کائي سست نه ٿي وڃو سستي ۽ موڳائي هڪ قسم جي خاموشي پيدا ڪندي آهي جيڪا ٿورو وقت هلي ٿي.
*جيسيتائين توهان جي زبان جي ذائقي محسوس ڪندڙ حصن کي کنڊ، لوڻ ۽ سڻڀ ذريعي گهڻو مزو نه آيو ته توهان سمجهندا آهيو ته خوراڪ پوري نه ٿي.
*توهان کي محبت ۽ تعريف ملندي محسوس نه ٿيندي ته پاڻ سان پيار خاطر کائيندا آهيو.
*توهان جي زندگي معنيٰ سان ڀريل ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ جڏهن توهان کائيندا آهيو ته ان وقت اندروني خال ڪجهه وقت لاءِ نظرانداز ڪري سگهجي ٿو.
وزن گهٽائڻ لاءِ هر قدم تسلي بخش هجڻ گهرجي توهان کي پنهنجي تجربي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي توهان پنهنجي جسم بابت ڳڻتي ڪرڻ ختم ڪري سگهو نٿا ۽ نااميدي ۽ پريشاني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهو ٿا. صرف هڪ اصول آهي جيڪو لاڳو ٿئي ٿو زندگي تڪميل ڪرڻ جو نالو آهي، جيڪڏهن اوهان جي حياتي جو مقصد پورو نٿو ٿئي ته ان کوٽ جو پورائو توهان جو پيٽ نٿو ڪري سگهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *