کاڻوٺ سپر ليگ جي ڪوارٽر فائنل ۾ شهيد صفدر اليون کي شڪست، المجاهد سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

کاڻوٺ سپر ليگ جي ڪوارٽر فائنل ۾ شهيد صفدر اليون کي شڪست، المجاهد سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

کاڻوٺ (رپورٽ: علي صابر عمراڻي)  کاڻوٺ سپر ليگ سيزيزن 11 جو 2 ڪوراٽر فائنل المجاهد اليون vs شهيد صفدر اليون وچ ۾ ٿيو. المجاهد اليون جي ڪپتان عامر ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اوپنر جوڙي پنهون ڇڇر ۽ علي شير  پنهون ڇڇي بهترين بيٽنگ ڪئي پر بدقسمتي سان 3 اوورن ۾ 33 رنسون ٺاهي منظور رند هڪ شڪار  ڪري ورتو، ان کان پوء رضوان مزاحمت ڪئي پر اهو به 25 رنسن تي وڪيٽ ڏئي ويٺو، شهيد صفدر اليون جي  بالرن  شاندار بالينگ ڪئي ۽ المجاهد اليون جي پوري ٽيم کي مقرر 10 اوورن ۾ 116 رنسن ٺاهڻ ڏنيون. شهيد صفدر اليون جي بالرن ۾ منظور رند 3 وڪيٽون ورتيون 117 رنسن جو ٽارگيٽ چيز ڪرڻ لاءِ انضمام ۽ بي ڪي کوسو شروعات ڪئي. پهرين اوور ۾ امجد ڇڇر انضمام کي ٻڙيءَ تي پويلين جو رستو ڏيکاريو. ون ڊائون تي ايندڙ اختر کوسو به صرف 6 رنسون ٺاهي امجد جو شڪار ٿيو، پر ٻئي اوور ۾ بي ڪي پنهون کان 22 رنسون وٺي مئچ کٽڻ جي اميد جاڳائي پر ان اميد کي ٽوڙيو المجاهد اليون جي بالرن ۽ فلڊرن بهترين بالينگ ۽ سٺا ڪئچ پڪڙي. المجاهد اليون جي بالرن شهيد صفدر اليون جي سڄي ٽيم کي مقرر 10 اوورن ۾ 97 رنسن تي آئوٽ ڪري مئچ کٽي سمي فائنل لاء ڪوليفائي ڪيو.  شهيد صفدر اليون جي طرفان بيٽنگ ۾ بي ڪي کوسو 35 رنسون ٺاهيون ۽ زاهد 27 رنسون ٺاهيون المجاهد اليون جي بالرن ۾ امجد 2 وڪيٽون ورتيون ۽ پنهون 2 وڪيٽون ورتيون مئچ جو هيرو امجد رهيو جنهن بالينگ ۾ ٻن اوورن ۾ صرف 7 رنسون ڏيئي 2 وڪيٽون ورتيون جنهن کي ٽائيم نيوز کاڻوٺ جو رپورٽر علي صابر عمراڻي مين آف دي ميچ ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنو