کاڻوٺ پوليس پاران 3 ڄڻا مارڻ جي دعويٰ، مقابلو جڙتو قرار، حيدرآباد اسپتال ۾ ڇڪتاڻ، ڀڃ ڊاهه، 25 گرفتار
مارچ 25, 2024
حيدرآباد/مانجهند (رپورٽ: فيض کوسو+يعقوب ڪوريجو) مانجھند ڀرسان انڊس هاءِ وي تي پوليس پاران مقابلي ۾ 3 جوابدار مارڻ جي دعويٰ، وارثن پاران مقابلو جڙتو قرار، احتجاج، ڇڪتاڻ، ڀڃ ڊاهه، پوليس جي لٺبازي، گرفتاريون. مانجھند ڀرسان ڳوٺ فقيرداد کوسو انڊس هاءِ وي تي مبينا پوليس مقابلي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، ان حوالي سان ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز جو چوڻ هو ته خاڻوٺ پوليس ايس ايچ او سڪندر روڌناڻي جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ سوزوڪي کي روڪڻ جو اشارو ڏنو ته سوزوڪي سوار جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گوليون لڳڻ سبب سوزوڪي ڏوهاري ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کائي ۾ ڪري ڪلٽي ٿي پئي، هوڏانهن مارجي ويل جي لاشن کي تعلقي اسپتال مانجهند آندو ويو جتي 35 ورهين جي پيٽارو واسي دلدار ولد مٺل سولنگي، مٽياري واسي 40 ورهين جو دلبر مجيداڻو ۽ 33 ورهين جو پيٽارو واسي منور ملاح طور لاشن جي سڃاڻپ ڪئي وئي. ٽنهي نوجوانن جي لاشن سان گڏ سندن وارث به سول اسپتال جي مرده خاني پهتا. پوليس اهي لاش امانت طور رکرائڻ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا هئا. وارثن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. وارثن نوجوانن جا لاش ڏسي سخت احتجاج شروع ڪيو جنهن تي پوليس کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس پاران مظاهرين کي احتجاج کان روڪڻ تي هو مشتعل ٿي ويا ۽ انهن پوليس خلاف نعريبازي شروع ڪري ڇڏي. ان دوران مڇريل ماڻهن پوليس موبائيلن تي به حملو ڪيو جنهن سبب ٽن موبائيلن کي سخت نقصان رسيو جنهن ۾ اليٽ پوليس، مارڪيٽ پوليس ۽ سخي پير ٿاڻي جون پوليس موبائيلون شامل آهن. ڪجهه ماڻهن ڏنڊن سان پوليس تي حملو به ڪري ڏنو. ڏنڊا، سروٽا ۽ پٿر لڳڻ جي ڪري ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي به ٿي پيا. مڇريل ماڻهن ميڊيڪو ليگل آفيسر، ڊاڪٽرن ۽ ڪلارڪ جي آفيسن تي به حملو ڪيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جڏهن ته مرده خاني کي به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڀڃ ڊاهه سبب مرده خاني ۾ ڊاڪٽرن جي آفيسن ۽ گاڏين کي به سخت نقصان رسيو. اطلاع تي حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي پوليس جا وڏا اٽالا سول اسپتال پهتا ۽ صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو. پوليس مڇريل مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل به ڇڏيا جنهن سبب مرده خاني سميت سول اسپتال جي بلڊ بئنڪ، ايمرجنسي ۽ ايمرجنسي جي مٿان قائم وارڊن ۾ زهريلي گئس پکڙجي وئي جنهن ڪري اتي داخل مريضن ۽ سندن تيماردارن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو. بعد ۾ پوليس مڇريل ماڻهن ۽ اتي موجود تماشائين کي اسپتال کان پري ڪري عام ماڻهن جي اسپتال ڏانهن اچ وڃ کي روڪي ڇڏيو. اها صورتحال ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. پوليس ماڻهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ايڌي رضاڪارن معرفت ٽنهي نوجوانن جا لاش ايمبولنس ۾ وجهرائي ڄامشورو منتقل ڪري ڇڏيا.
پوليس جڙتو مقابلي ۾ نوجوانن کي ماريو آهي: وارث
حيدرآباد: مارجي ويل نوجوانن جي وارثن ٻڌايو ته سندن نوجوان سوزوڪي ۾ ڪڻڪ جو ان وجهي سيوهڻ ڇڏڻ لاءِ ويا هئا. واٽ تي پوليس کين پڪڙي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل هڪ نوجوان جي ڀيڻ ماروي ٻڌايو ته پوليس کين ابتدائي طور اهو اطلاع ڏنو ته سندن مائٽن جي سوزوڪي کاهي ۾ ڪري پئي آهي. هو سندن سار لهڻ لاءِ پهتا ته نوجوان اتي موجود نه هئا. بعد ۾ کين مختلف هيلن بهانن سان ٽاريو پئي ويو پر جيئن ئي کين خبر پئي ته پوليس سندن نوجوانن کي مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو آهي ته هو سول اسپتال پهتا آهن جتي لاش گهرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي مٿن لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي. دلبر مجيداڻي جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته هن جو ڀاءُ پنهنجي دوستن سان گڏ سوزوڪي ۾ چڙهي سيوهڻ ويو هو. واپسي ۾ پوليس کيس دوستن سان گڏ جعلي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي.
احتجاج ڪندڙ 25 ڄڻا گرفتار، پوليس 110 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
حيدرآباد: ٻئي طرف احتجاج دوران حيدرآباد پوليس 17 عورتن سميت 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري مارڪيٽ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، فائرنگ ۽ پوليس تي حملي جي الزام هيٺ 17 عورتن ۽ 8 ڄاتل سڃاتل مردن سميت 110 ڄڻن خلاف حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڪيس کاڻوٺ ٿاڻي جي اي ايس آءِ ذوالفقار علي کوکر جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کاڻوٺ پوليس سان مقابلي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ منور ولد هاشم ملاح ويٺل کاڻوٺ، دلبر ولد راڻو مجيداڻو ويٺل کاڻوٺ اصل مٽياري، دلدار ولد محمد سومار سولنگي ويٺل کاڻوٺ شامل آهن. مارجي ويل جوابدارن جا لاش ابتدائي طور مانجهند منتقل ڪيا ويا جتان انهن لاشن کي سرد خاني ۾ رکڻ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان دوران 150 ماڻهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل هئا تن مرده خاني پهچي لاش سندن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. آفيسرن کان اجازت گهرڻ جيتري مهلت ورتي وئي جنهن تي هو مشتعل ٿي ويا ۽ گارگند ڪري ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي. ان دوران انهن ماڻهن سان گڏ آيل ٻين شرپسندن پوليس ۽ اسپتال جي عملي کي هراسان ڪرڻ لاءِ فائرنگ شروع ڪئي. فائرنگ سبب ڊاڪٽرن، عملي ۽ مريضن ۾ ڀاڄ پئي. نامعلوم شرپسندن ايم ايل او آفيس جو دروازو ٽوڙي الماري ۾ رکيل رڪارڊ کڻي اڇلائي ڇڏيو. ڀڃ ڊاهه دوران پوسٽ مارٽم جي ٽيسٽن لاءِ رکيل جزا به ضايع ٿي ويا جڏهن ته آفيس، ڪمپيوٽر ۽ ايل اي ڊي کي به نقصان رسيو. ان دوران مارڪيٽ پوليس، ليڊيز اهلڪار ۽ اليٽ فورس به اتي پهتو. پوليس کي ڏسي ان تي به حملو ڪيو ويو ۽ موبائيل تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ۽ ٻيو سامان ٽوڙيو ويو. مارڪيٽ پوليس جي موبائيل کي به نقصان رسيو. بروقت ڪارروائي دوران 8 مردن ۽ 17 عورتن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٻيا نامعلوم ماڻهو بروقت فرار ٿي ويا. جن مردن ۽ عورت کي گرفتار ڪيو ويو انهن ۾ نصير ولد رمضان ميربحر، سمير علي ولد محمد علي سولنگي، وسيم ولد محمد رمضان، شمائل ولد شاهد ملاح، حيدر ولد بڪو خان بروهي، شمن ولد حاڪم مجيداڻو، عبدالحڪيم ولد راڻو مجيداڻو، شهباز ولد عبدالله مجيداڻو، زبيده زال سومار سولنگي، شازيه زال دلدار سولنگي، شهناز زال بخشو سولنگي، رابعه زال محرم سولنگي، روزينا زال عمران سولنگي، صنم زال دلبر علي سولنگي، ثمينا زال شڪيل خاصخيلي، فوتي منور جي ڀيڻ ماروي زال رسول بخش ملاح، گلشن زال منٺار ملاح، ذڪيه زال عامر ملاح، ذوليخان زال مٺو ملاح، شبانه زال محرم ملاح، امام زادي زال احمد ملاح، امير زادي زال غلام محمد ملاح، مهوش ڌيءُ منور ملاح، زبيده زال محمد رحيم، ساجي ڌيءُ عمر ملاح شامل آهن.
مقابلي دوران ڪو به اهلڪار زخمي نه ٿيو، پوليس معجزاڻي طور محفوظ رهي !
مانجھند: پوليس مقابلي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽئي نوجوان فوت ٿي ويا هئا، بعد پوليس پاران مقابلو ڄاڻايو ويو، جڏهن ته مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪو به اهلڪار زخمي نه ٿيو، پوليس اهلڪار معجزاڻي طور محفوظ رهيا.