| کاڻوٺ ڀرسان ڊمپر کاهي ۾ ڪري پيو، ڪلينر فوت، ڊرائيور زخمي |
کاڻوٺ (ن پ ا) کاڻوٺ ڀرسان انڊس ڪول مائنز لنڪ روڊ تي پٿرن سان ڀريل ڊمپر جو بريڪ اوچتو فيل ٿي وڃڻ aسبب خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي حادثي جي نتيجي ۾ ڊمپر ۾ سوار ڪلينر سخت زخمن سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو اطلاع ملڻ تي کاڻوٺ پوليس فوري طور حادثي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمي کي کاهي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو اسپتال ۾ فوتي جي سڃاڻپ 18 سالا عالمزيب طور ڪئي وئي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ مجاهد طور ڪئي وئي، جنهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ڊاڪٽرن موجب زخمي جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي پوليس موجب حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي