کاڻوٺ ۾ ڪرڪيٽ ليگ شروع، پهرين ميچ ۾ پرنس اليون ڪامياب

کاڻوٺ ۾ ڪرڪيٽ ليگ شروع، پهرين ميچ ۾ پرنس اليون ڪامياب

کاڻوٺ (ن پ ا) کاڻوٺ سپر ليگ سيزن 11 جو شاندار افتتاح، افتتاحي مئچ ۾ پرنس اليون 10 رنسن تان ڪامياب کاڻوٺ سپر ليگ سيزن 11 جو رنگارنگ افتتاح ٿيو، جنهن ۾  ٽوٽل 18 ٽيمون حصو وٺنديون. افتتاح گلشير کوسو ڪيو ويو. افتتاحي مئچ پرنس اليون کاڻوٺ ۽ کاڻوٺ لورس جي وچ ۾ کيڏي وئي پرنس اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 8 اوورن ۾ 117 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ سيٽ ڪيو. شهباز ڇڇر 67 رنسون ناٽ آئوٽ ٺاهيون ڪئپٽن شاهنواز چار ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 30 رنسون ٺاهيون حسن جلالي ٻن اوورن ۾ 13 رنسون ڏئي ٻه اهم وڪيٽون حاصل ڪيون. باسط ۽ ماجد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ کاڻوٺ لورس 106 رنسن تائين محدود ٿي وئي. آدم کوسي 29 ۽ حسن جلالي 19 رنسن جي اننگ کيڏي. پرنس اليون طرفان شهمير ملاح ٻه وڪيٽون ۽ عرفان علي 3 وڪيٽون ورتيون. شهباز ڇڇر کي مين آف دي ميچ قرار ڏئي ڪيش انعام غلام حيدر کوسو پاران ڏنو ويو.