کاڻ ۾ ٻارڙيءَ کي ڪتي ڏاڙهي وڌو، منهن ۽ ڪنڌ تي چڪ

کاڻ ۾ ٻارڙيءَ کي ڪتي ڏاڙهي وڌو، منهن ۽ ڪنڌ تي چڪ

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) تعلقِي حسين بخش مري جي شهر کاڻ جي رهواسي 3 ورهين جي معصوم نينگري دعا زهره کي ڇتي ڪتي منهن ۽ ڪنڌ وٽ چڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي علاج لاء سول اسپتال ميرپورخاص نيو ويو جتي ڇتي ڪتي جي چڪ هڻڻ بعد لڳندڙ انجيڪشن موجود نه هجڻ سبب مريض کي سول سپتال ميرپورخاص کان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، انجيڪشن نه هجڻ جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اي ايم ايس ڊاڪٽر ماجد خان چيو ته اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ هڻڻ بعد لڳندڙ انجيڪشن جي ڪا به کوٽ ناهي پر ڇتي ڪتي پاران منهن ۽ ڪنڌ تي چڪ هڻڻ انتهائي خطرناڪ آهي ان صورت ۾ لڳندڙ انجيڪشن ۽ سهولتون اسان وٽ ناهن ان ڪري اهڙي مريض کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويندو آهي اهڙا ڪيس تمام گهٽ هوندا آهن، اسپتالن ذريعن موجب هڪ هفتي دوران اسپتال ۾ 68 ڪيس آيا آهن جن مان 4 مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن ريفر ڪيو ويو