لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ايچ آءِ وي سميت ٻين بيمارين کان بچاءَ جي مختلف پروگرامن ۾ ڪم ڪندڙ 100 کان وڌيڪ خواجه سرائن جون نوڪريون ختم، بحالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو
لاڙڪاڻي ۾ ٽرانسجينڊر انٽر ايڪٽو الائنس ايڇ آءِ وي سميت ٻين بيمارين جي بچاءِ لاءِ ڪم ڪندڙ خواجه سرائن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ خلاف خواجه سرائن طرفان سچل ڪالوني ۾ آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شهزادي پيرزادو، سمرن خان، ماريا، فهيم، بدر عباسي، سميت ٻين دانهيندي چيو ته يو اين ڊي پي ۽ فيڊرل گورنمينٽ اسان جي ڪراچي، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي سميت ٻين بيمارين جي ڦهلاءَ کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ 101 ڄڻن کي گذريل 18 تاريخ تي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي
ھنن چيو ته اسان جي ٽيم بهتر ڪم ڪري بيمارين ڦلجڻ کان بچاءُ لاءِ خواجه سرائن کي تربيت ڏيندي ڪيترن کي ڄاڻ ڏئي، بيماريون ڦھلجڻ کان بچاءُ لاءِ اپاءَ ورتا آهن پر تنهن باوجود اسان کي فارغ ڪيو ويو، اها وڏي نا انصافي آهي
هنن چيو ته اسان مالي مشڪلاتن جي ور چڙهي ويا آهيون، هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي نوڪريون بحال ڪيون وڃن