کدڙن فقيرن پاران آدمشماري جا نتيجا رد، پنهنجي ڳڻپ پاڻ شروع ڪري ڇڏي

مَي 25, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي کدڙن فقيرن آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪندي پنهنجي ڳڻپ پاڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

کدڙن فقيرن جي اڳواڻ شهزادي راءِ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آدمشماري جي عملي  گهٽ انگ اکر ڏيکاريا آهن

هي به پڙهندا

هن چيو ته اسان وٽ رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 19 هزار کدڙا رجسٽرڊ ٿيل آهن

هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سڄي  سنڌ اندر کدڙن جو انگ رڳو 3 هزار جي لڳ ڀڳ ڏيکاريو ويو آهي

شهزاد راءِ چيو ته اسان ضلعي ٽيمون ٺاهي کدڙن فقيرن جي پاڻ ڳڻپ ڪري رهيا آهيون ڊسمبر تائين اها ڳڻپ مڪمل ٿيندي

کدڙن فقيرن جي تنظيم پاران ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض ڪندي پنهنجي طور تي کدڙن فقيرن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي آهي

واضح رهي ته آدمشماري ۾ کدڙن جي 35 سيڪڙو گهٽ آبادي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ کدڙن فقيرن جو انگ رڳو 3 هزار 871 آهي جڏهن ته 2017ع جي آدمشماري ۾ اهو انگ 5 هزار 954 هو

Leave A Comment