کدڙن فقيرن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري اسيمبلي پهچايو:سماجي حلقا

جُون 1, 2023

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) خواجا سرائن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته ملڪ جي خواجا سرائن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري کين مخصوص سيٽن تي ترجيح بنيادن تي اسمبلي پھچايو وڃي

 ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ خواجا سرائن کي سياست ۽ اليڪشن جي مرحلي ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪوٺايل  مشاورتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايم پي اي منگلا شرما چيو ته خواجا سرا اسانجي سماج جو ڌڪاريل طبقو آھي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويندو ھو

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مڪاني ادارن واري قانون ۾ سندن مخصوص سيٽ رکڻ سان نه رڳو سندن سماجي صورتحال بھتر ٿي آھي پر سياسي پارٽين به انھن کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي آھي

هن چيو ته خواجا سرا ھر فورم تي ھجڻ ضروري آھن ـ اھي عام مرد ۽ عورت کان وڌيڪ باصلاحيت ماڻهو آھن

 انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو چيو ته آئين ۾ سمورا انساني حق سڀني لاءِ برابر آھن پر خواجا سرائن کي سازش تحت پيڙھيو ويو آهي، آئين ۽ قانون ۾ انھي طبقي لاءِ خاص اھميت ھجڻ گھرجي

 ايڊيشنل آءِ جي جينڊر ڪرائيم شھلا رضا چيو ته سنڌ پوليس ۾ خواجا سرائن سميت صنفي بنيادن تي تشدد جو نشانو بڻجندڙن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۽ انصاف ڏيارڻ لاء خاص سيل قائم ڪيا ويا آهن، پوليس جي روين جي تبديلي تي پڻ ڪم ڪري ڪري رھيا آھيون

  خواجا سرا اڳواڻ شھزادي راءِ چيو ته سياسي پارٽين ۾ پ پ سڀني کان وڌيڪ سنجيدگي سان خواجا سرائن جي بھتري لاءِ ڪم ڪري پئي

 ان موقعي تي ڪامي سڊ، ڊاڪٽر شبنم، ايڊووڪيٽ نشاء رائو ۽ ٻين چيو ته خواجا سرا سماج جو پوئتي پيل طبقو آھن جي تعليم ۽ صحت لاِ خاص ابتظام ڪيا وڃن

Leave A Comment